حيدرآباد: پورهيت ٺارو شورو قتل ڪيس، 4 جوابدارن جي عبوري ضمانت رد

0
285
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت ڏيپلائي ڪالوني جي شادي هال ۾ ڄاڃين جي مبينا تشدد ۾ پورهيت جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي، ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ ڪيس جي شنوائي ٿي، جوابدار شاه محمد شاهه، فرمان علي، ذيشان ۽ رضوان علي شاهه جي وڪيل عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ته سيشن ڪورٽ جي ٻاهران پوليس جو ڪڙو لڳل آهي ان ڪري جوابدار عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيا آهن، عدالت جوابدارن جي غير موجودگي ۾ ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد پڪي ضمانت ڪرڻ بدران جوابدارن جي عبوري ضمانت رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، 13 جولاءِ تي شادي هال ۾ ڄاڃين جي مبينا تشدد ۾ پورهيت ٺارو شورو مارجي ويو هو بلديا پوليس سندس سئوٽ جي فرياد تي چئن ڄڻن خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو.