حيدرآباد: ٽرانسفارمر ڌماڪو، نيپرا حيسڪو کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

0
282
نيپرا ڪراچي واسين لاءِ

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ)حيدرآباد ۾ ٽرانسفارمر کي ڌماڪي بعد باهه لڳڻ واري واقعي تي نيپراحيسڪو کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، نيپرا واقعي بابت رپورٽ ملڻ بعد حيسڪو کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا، نيپرا جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ لاءِ 3 رُڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جاچ ٽيم متاثرن ۽ حيسڪو اختيارين جا بيان رڪارڊ ڪيا، ٽرانسفارمر ٺاهيندڙ ڪمپني جو به دورو ڪيو ويو، رپورٽ جي روشني ۾ حيسڪو کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو آهي، حيسڪو کي 15 ڏينهن ۾ جواب ڏيڻ ۽ ڊسٽريبيوشن سسٽم ٺيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، واضح رهي ته حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ ٽرانسفارمر کي ڌماڪي بعد باهه لڳڻ سبب 10 ڄڻا سڙي فوت ٿيا هئا.