حيدرآباد: وي سي ۽ سيڪريٽري يونيورسٽي اينڊ بورڊز کي توھين عدالت جا نوٽيس جاري

0
178
وڏي وزير جي ٻيڙي جو تيل

حيدرآباد (ن پ ا) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ عدالتي حڪم باوجود ليب اسسٽنٽ کي 17 هين گريڊ ۾ مقرر نه ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي شھيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آرٽ اينڊ ڊزائن جي وائيس چانسلر ۽ سيڪريٽري يونيورسٽي اينڊ بورڊز کي توھين عدالت جا نوٽيس جاري ڪندي 7 اپريل تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

يونيورسٽي جي ملازم عباس علي پنهنجي وڪيل معرفت توھين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته لاڳاپيل عدالت جي حڪم باوجود 2 مھينن دوران 17 هون گريڊ نه ڏنو ويو آهي

درخواستگذار چيو ته عدالت 26 نومبر 2021 تي فوڪل پرسن کي حڪم ڏنو ھو ته آئوٽ آف ٽرن، ڊيپوٽيشن، ڪيڊر چينج، ايڪٽنگ چارج رکندڙ توڙي هيٺين گريڊ جي ملازمن کي انتظامي عھدا ڏيڻ واري معاملي تي اٿارٽي پنھنجي صحيح سان قسم نامو جمع ڪرائي

ان دوران مون کي بنا جواز 16 هين گريڊ مان 7 گريڊ م واپس  ڪيو ويو آهي، عدالت دليل ٻڌڻ بعد ايندڙ ٻڌڻي تي يونيورسٽي جي ايڪٽنگ رجسٽرار کي به جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو