حيدرآباد: واپاري اڳواڻ سميت 4 ڄڻن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور

0
433
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد(ن پ ا) پراڻي سبزي مارڪيٽ کي نئين سبزي مارڪيٽ ڏانهن منتقلي بعد يونين اڳواڻن خلاف داخل ڊيوٽي اٽڪاءِ جي ڪيس وارو معاملو،عدالت پراڻي سبزي مارڪيٽ مان دڪاندارن کي شفٽ ٿيڻ خلاف روڪڻ ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت تي داخل ڊيوٽي اٽڪاءِ واري ڪيس مان واپارين جي تنظيم جي اڳواڻ سميت ڪيس 4 ڄڻن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي، ايڊيشنل سيشن جج نمبر 6 جي عدالت جوابدار عبدالرحمان آرائين, محمد يوسف, فرحان علي ۽ محمد اسلم سميت چئني جوابدارن کي 30,30 ھزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، مارڪيٽ ڪاميٽي جي چوڪيدار شوڪت علي جي فرياد تي حالي روڊ ٿاڻي جي پوليس 2 ڏينهن اڳ نئين سبزي مارڪيٽ ۾ دڪان شفت نہ ڪرڻ ۽ دڪاندارن کي هل هنگامي خلاف اڪسائڻ جوڪيس داخل ڪيو ھو، جوابدارن وڪيل معرفت گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي.