حيدرآباد عدالت پاران عمر قيد جي سزا ٻڌايل ٻن جوابدارن جي سزا وارو فيصلو معطل

0
225
حيدرآباد عدالت پاران عمر قيد جي سزا ٻڌايل ٻن جوابدارن جي سزا وارو فيصلو معطل
حيدرآباد عدالت پاران عمر قيد جي سزا ٻڌايل ٻن جوابدارن جي سزا وارو فيصلو معطل

حيدرآباد (ن پ ا) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ هيروئن هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌايل ٻن جوابدارن جي سزا وارو فيصلو معطل ڪندي سندن ڪيس ٻيهر هلائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو

ٿاڻي بولاخان واري علائقي سان تعلق رکندڙ جوابدار نندلال ۽ موهن لال 2019ع دوران وڪيل معرفت سزا خلاف اپيلون داخل ڪرايون هيون

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس شمس الدين عباسي تي مشتمل ڊويزن بئنچ 13 جنوري ۽ 26 جنوري تي سندن وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو

تفصيلي فيصلي ۾ لاڳاپيل عدالت ٻنهي جوابدارن جو سيڪشن 342 سي آر پي سي تحت تفصيلي بيان رڪارڊ ڪرڻ جو به حڪم

اي اين ايف حيدرآباد 11 جون 2014ع دوران ڄامشورو ٽول پلازه وٽ ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو

اي اين ايف دعويٰ ڪئي هئي ته ڄاڻايل جوابدارن ٽرالر ذريعي ڪراچي کان 68 ڪلو گرام هيروئن اسمگل پئي ڪئي جن کي هيروئن سميت گرفتار ڪيو ويو

ايڊيشنل سيشن اسپيشل جج ايم سي ٽي ڄامشورو 7 مئي 2019ع دوران ٻنهي جوابدارن کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمرقيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي

 

 

ھي بھ پڙھندا

 

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ سينيٽر فيصل واوڊا کي ٻٽي شهريت ڪيس ۾ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو