حيدرآباد: عدالت پاران شھري کي 2 لک رپيا واڌو بل موڪلڻ تي حيسڪو عملدار طلب

0
268
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد(ن پ ا) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ شھري کي 2 لک رپيا واڌو بل موڪلڻ خلاف داخل درخواست تي حيسڪو جي ايڪسيئين, ايس ڊي او ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، ڪينٽ واري علائقي جي رھواسي محمد ھاشم پنھنجي وڪيل ايڊووڪيٽ رضيا پاٽولي معرفت سرڪٽ بئنچ ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ هن چيو ته اپريل دوران باھ لڳڻ سبب ميٽر سڙي ويو ھو، ميٽر بدلي ڪرڻ جي درخواست ڏني، حيسڪو عملي مبينا طور 30 ھزار رشوت وٺي ميٽر تبديل ڪري ڏنو، درخواستگذار چيو ته مئي ۾ بنا جواز ميٽر خراب ڄاڻائي 2 لک ڊڊيڪشن لڳائي بل اماڻيو ويو، درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي آگاھي ڏني ته گھر ٻاھران لڳل بجلي جي ميٽر ۾ حيسڪو عملي ٽيمپرنگ ڪئي جنھن جي وڊيو بي موجود آهي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ واڌو اماڻيل بل ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 18 آگسٽ تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.