حيدرآباد: راڻي باغ ۾ جهيڙي دوران هيڊڪانسٽيبل ۽ ٻن اهلڪارن کي يرغمال بڻائيندڙ 7 ڄڻا گرفتار

0
180
حيدرآباد: راڻي باغ ۾ جهيڙي

حيدرآباد:حيدرآباد جي راڻي باغ ۾ جهيڙي دوران هيڊڪانسٽيبل ۽ ٻن اهلڪارن کي يرغمال بڻائيندڙ 7 ڄڻا گرفتار، پوليس جو چوڻ آهي ته راڻي باغ جي فِن لينڊ حصي ۾ معمولي ڳالهه تان ٻن ڌُرين ۾ جهيڙي جو اطلاع مليو

هيڊ ڪانسٽيبل ۽ 2 اهلڪار جهيڙو ٽارڻ لاءِ پهتا ته هٿياربندن کين يرغمال بڻائي ڇڏيو، اهلڪارن کان سرڪاري هٿيار ۽ پئسا به ڦر ڪيا ويا

پوليس جي اضافي نفري پهچي يرغمالي اهلڪارن کي ڇڏائي ورتو ۽ جهيڙيندڙ ڌُرين جي 7 ڄڻن کي گرفتار ڪيو، گرفتار ٿيلن مان ٻن ڄڻن وٽان اهلڪارن کان ڦر ٿيل هٿيار ۽ 80 هزار رُپيا هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

حيدرآباد: هوٽل مالڪ جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو باءِ پاس تي ڌرڻو