حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عيدالضحيٰ جي سلسلي ۾ حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ قائم ٿيل مال پڙين ۾ جانورن جي خريداري عروج تي رهي، جڏهن ته اگهن ۾ پڻ واضح واڌ ٿي وئي آهي. حيدآباد جي لطيف آباد نمبر 8، 10، هالاناڪو، قاسم آباد جي هوش محمد پل هيٺان قائم ٿيل مال پڙين ۾ عيد جي رات هئڻ سبب خريدارن جي وڏي رش ٿي وئي آهي جنهن سبب شهر جا اڪثر علائقن ۾ ٽريفڪ پڻ متاثر ٿي رهي آهي. ڄاڻايل مال پڙين ۾ ٻڪر جو اگهه 40 کان هڪ لک رپين تائين جڏهن ته ڳائو مال هڪ لک کان 7 لک رپين تائين وڪرو ٿي رهيو هو پر تنهن هوندي به خريدارن جي وڏي رش هئڻ ۽ هر ماڻهو پنهنجي حيثيت مطابق قرباني جو خوبصورت جانور ڳولي رهيو هو. قرباني جي عيد سبب گذريل ٽن ڏينهن کان حيدرآباد جي مال پڙين جي رونق انتهائي وڌي وئي آهي جڏهن ته رات دير تائين مال پڙين مان خريداري جو سلسلو جاري هو جيڪو ايندڙ ٻن ڏينهن تائين جاري رهندي.