حمزه جي قسمت بابت عدالتي فيصلو دير جو شڪار: سپريم ڪورٽ جا اختيار محدود ڪرڻ جي تجويز

0
249

سپريم ڪورٽ ڊپٽي اسپيڪر پنجاب جِي رولنگ خلاف درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ وارو وقت تبديل ته ڪيو پر اڃا تائين فيصلو ناهي اچي سگهيو

سپريم ڪورٽ کي ساڍي ستين وڳي فيصلو ٻڌائڻو هو پر اڃا تائين عدالتي فيصلو دير جو شڪار آهي، جنهن سبب مختلف تبصرا ٿي رهيا آهن

پيپلز پارٽي اڳواڻ فرحت الله بابر سپريم ڪورٽ جا اختيار محدود ڪرڻ جي تجويز بابت ٽوئٽ ڪيو آهي، جيڪو بلاول ڀٽو زرداري به ري ٽوئٽ ڪيو آهي، جنهن ۾ لکيل هو ته فيصلي جو وقت اچي ويو آهي

مريم نواز چيو آهي ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف سخت فيصلو ڪري ۽ پنهنجي موقف تي ڄمي بيهي، حڪومت ڏکين حالتن کي منهن ڏئي يا وري اسٽيٽس ڪو جو شڪار ٿئي

ان کان اڳ سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ۾ چيو هو ته آرٽيڪل 63 اَي جِي تشريح وارو معاملو طئي ٿي چڪو، هاڻي وڌيڪ تشريح جِي ضرورت ناهي، اِن ۾ ڪو شڪ ناهي ته پارٽي سربراهه جو اهم ڪردار آهي، پر ووٽنگ لاءِ هدايتون پارلياماني پارٽي جو هيڊ ڏيندو آهي

چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته هڪ حساس معاملي کي ڏسي رهيا آهيون، اُن حوالي سان سُپريم ڪورٽ جي فيصلن جو جائزو وٺون ٿا، جج جِي راءِ ۾ يڪسانيت هجڻ گهرجي، جج جي راءِ هر هر تبديل ٿيڻ سٺو مثال ناهي، آئون پنهنجي راءِ ٺوس بُنيادن تي ئي تبديل ڪندس، 18هين ۽ 19هين ترميم ۾ اڪثريتي راءِ اسان تي لاڳو ٿيڻ لازمي ناهي، اسان جو مقصد جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ ۽ آئين جو نفاذ آهي

ھي به پڙھندا

فُل ڪورٽ جوڙڻ سان ڪيس لٽڪائڻ کان وڌيڪ ڪجهه نه ٿئي ها: سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ جوڙڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي