حليم عادل شيخ سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران گرفتار

0
177

پي ٽي آءِ سنڌ جَي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪيو ويو آهي، عدالت پوليس کي گرفتاري کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي عدالت ٻاهران موجود پوليس کي هٽائڻ جي هدايت ڪئي هئي

حليم عادل شيخ وڏي عرصي تائين غائب رهڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتو ته پوليس جا اٽالا به پهچي ويا

حليم عادل شيخ 9 مئي جي واقعن واري ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ خلاف عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي

حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جا حڪم ڏئي چڪي آهي، حيدرآباد جي عدالت پاران جاري ڪيل گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا وڃن

حليم عادل شيخ جي درخواست تي وڪيلن چيف جسٽس سان چيمبر ۾ ملاقات ڪئي

حليم عادل شيخ جي وڪيل چيو ته سمورن ڪيسن ۾ ضمانت باوجود پوليس کيس گرفتار ڪرڻ آئي آهي، چيف جسٽس پوليس کي هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ڪنداسين، حليم عادل شيخ عدالت مان ٻاهر نڪتو ته پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو

هي به پڙهندا

سنڌ هاءِ ڪورٽ نوڪرين تي لڳايل پابندي واري حڪم  ۾ واڌ ڪري ڇڏي