حليم عادل شيخ جي خط تي سول ايوي ايشن اٿارٽي جواب اماڻي ڇڏيو

0
225

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه جو سرڪاري جهاز پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صوبائي وزير استعمال ڪرڻ واري مامري تي سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي خط تي سول ايوي ايشن اٿارٽي جواب اماڻي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته ملتان ايئرپورٽ تي هنگامي بنيادن تي لينڊنگ ڪندڙ جهاز ۽ ان ۾ سوار مسافرن جا تفصيل ڏيو، سول ايويشن جواب ڏنو ته سنڌ سرڪار جو جهاز هو، جيڪو 4 جولاء تي ملتان ايئرپورٽ تي لينڊ ٿيو، جهاز ۾ بلاول ڀٽو زرداري، سعيد غني، ناصر شاه سميت 7 مسافر سوار هئا، حليم عادل شيخ چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاه جو جهاز غلط استعمال ٿئي پيو، نيب کي درخواست ڏيندس.