حلوو، جلوو ۽ مائو

0
80
حلوو، جلوو ۽ مائو

حلوو ويجھڙ ۾ ملڪ جو واحد اھو اسم خاص آھي، جنھن پنھنجي جوھر ۾ ڪيتريون وصفون، صفتون ۽ صنفون سمايون آھن. گرامر موجب حلوو اسم عام کان شروع ٿي ڪري حرفِ ندا تائين مار ڪري ٿو. مختصر وصف موجب ھڪ اھڙي شيءَ جيڪي بنا ڪنھن عمر ۽ جنسي متڀيد جي کائڻ، کيڏڻ، ڳالھائڻ، ويجھڙ ۾ پائڻ ۽ ھاڻي سمھڻ مھل به ڪتب آندي وڃي، ان کي عُرف عام ۾ حلوو ئي چئجي ٿو. حلوو ملڪ ۾ گھڻن نالن سان مشھور آھي، جيئن “حافظ حلوہ”، “سوھن حلوہ”، “اخروٽي حلوہ”، “فياض جو اگم حلوو” وغيرہ وغيرہ. شڪر ڪريو جو سنڌ ۾ ساڳي شيءَ کي “مائو” پڻ چيو وڃي ٿو، تڏھن ته حلوي بدران ھتي مٽياري، ميھڙ ۽ موساڻي جو مائو مشھور آھي. مون جڏھن ھڪ ئي وقت شاعر ۽ حلوو پچائي مائو تيار ڪندڙ استاد “حميد حلوائي” سان حلوي ۽ مائي ۾ بنيادي فرق ڄاڻڻ لاءِ رابطو ڪيو ته ھن فون تي ورندي ڏيندي چيو ته، “ادا ڪاٿي آن من!  مان ته توکي ئي ڪال ڪرڻ وارو ھئس. ھاڻي جلدي ڪر مامي ولوءَ واري ھوٽل تي مون سان ملي وٺ!” اھڙي حڪم بعد آئون اليڪشن ۾ ھارايل اميدوار جھڙو منھن ڪري جڏھن خيرپور ميرواھ جي ڪپ سان لڳل گِرل (جنگلي) ڀرسان فوٽ پاٿ تي پيل ڪانن جي مُوڙن تي ويٺل حميد حلوائي کي جھڙي مھل “جوائن” ڪرڻ کان اڳ سلام ڪيو ته ھن يڪدم مونکي ڪٽ چانھن جو ڪوپ ھٿ ۾ ائين ڏنو، ڄڻ مان ھن جي ھارايل پارٽي جوائن ڪئي ھجي…! خير ٻه ڍُڪ چانھ پيئڻ بعد ڳالھين جا ڌڪ شروع ڪيا سين ته ھن مونکي ٻڌايو ته، “حلوي ۽ مائي ۾ بنيادي فرق کائڻ ۽ چٽڻ جو آھي. جنھن وقت ڪو ماڻھو ڪاغذ ۾ بند ٿيل مائي کي آخر ۾ چٽڻ شروع ڪري ته سمجھو ھمراھ حلوي جو حال تمام ڪيو.” ھن  وضاحت ڪندي ٻڌايو ته ڪجھ حلوا صرف چٽيا ويندا آھن، جئين “حافظ جو سوھن حلوو”. ويجھڙ ۾ سندس “اليڪشني حلوه” ۽  “اقتدار حلوه” گھڻا مشھور ٿيا آھن. حميد حلوائي وڌيڪ ٻڌايو تہ اخروٽي حلوو اڪثر ڪري مُلن لاءِ ۽ مُلن ۾ گھڻو ڪتب آندو ويندو آھي، جنھن ۾ اصل طاقت جو جا بجا استعمال ٿيندو آھي ۽ ڏندن جي مضبوطي جي خبر پوندي آھي. ھڪ ئي وقت شاعري ۾ حلوو پچائيندڙ ۽ حلوي ۾ شاعري وڪڻندڙ حميد حوالي ..او آئي ايم سوري.. (پڙھو معاف ڪجو) حميد حلوائي جي دانشمندي کي داد ڏيندي رھي نه سگھيس. خوش ٿي گولڊ ليف جو سگريٽ کيس دُکائي ڏنم ته ھو پھريون ڪش ھڻي جڏھن دونھان ڪڍڻ لڳو ته مون کيس چيو ته خبر اٿي ته ھڪ سگريٽ گھڻن روپين جو آ..؟ جڏھن ٻڌايومانس ته ھِي ٻيو ڪش ھڻڻ بعد وڌيڪ واڇون ڦاڙي ۽ ناسون ڦٽوڙي رھيو کهيو به دونھون ڪڍڻ بعد سگريٽ مونکي واپس ڏيڻ لڳو. مون کيس چيو ته ھاڻي سگريٽ به حلوو ٿي ويو آھي!

ماسي گوگل خبر ڏيندي ٻڌايو تہ لاھور ۾ ھڪ ھمراھ رات جو پنھنجي زال کان لڪائي ڪاغذ ۾ ويڙھيل مائو پئي کاڌو ته مائي جي مٺاس تي کيس جلدي ننڊ اچي وئي ته پکي جي ھوا تي اھو مائي وارو ڪاغذ اُڏري وڃي سندس زال پاران  مارڪيٽ ۾ آيل نئين برانڊ جي آن لائين گھرايل مٿي ھينگر ۾ ٽنگيل ڪُڙتي کي چنبڙي ڪري مائي وارو ڪاغذ حلوو ٿي ويو. صبح جو جڏھن مڙس کيس زوري شاپنگ مال ۾ وٺي وڃي اتي ھن جو فوٽو ڪڍي سوشل ميڊيا تي ھي ڪئپشن “حلوو کائڻ حلال پر خبردار! پائڻ حرام آ..”  لڳائي وائرل ڪري پاڻ بازار مان نڪري ويو. پويان اچي سندس زال کي پاتل ان “حلوہ و جلوہ” برانڊ پاتل چولي پويان ماڻھن جي رش لڳي، جيڪي کيس ئي ماري حلوو ڪري کائڻ پيا گھرن. شُڪر ٿيو جو اُتي لاھور ۾ پوليس ۾ عورتون به آھن، جن مان ھڪ سي ايس ايس آفيسر اچي سندس زندگي حلوو ٿيڻ کان بچائي. ھاڻي وري ان اي ايس پي صاحبه جي ھٿ کي ٻيون مايون حلوو ڪري پيون چٽين، ڄڻ اھو حلوي وارو ڪاغذ ھن محترما جي ھٿ سان چنبڙيو ھجي…!

ٻي خبر ماسي گوگل ڏيندي ٻڌايو ته ويجھڙ ۾ وائرل ٿيل ھڪ وڊيو ۾ پنجاب جي محترما وزير اعلى پنھنجي پارٽي جي ھڪ عورت ڪارڪن کي ڀاڪر پائي ھٿ ملائڻ کان اڳ ھٿ تڏھن ڪڍيا جو ھٿ ملائڻ واري مائي ڀاڪر پائڻ مھل ٻڌايس ته، “او جي مين تو مزيدار حلوہ پُري نال ناشتا ڪر ڪي آئي آن …..!” خير ماسي گوگل جو خبرون ئي پنھنجون!

اھو ته ٿيو لاھور جو قصو پر اسان پوري قوم اقتداري حلوي کائڻ لاءِ ڪوشان آھيون ۽ شدت سان انتظار آھي ته ڪڏھن ٿي وزيرن، صلاحڪارن ۽ مُشيرن جي حلوي جي ديڳ چڙھي، جو سواد خاطر ڪو حلوہ پُري سان جي ناشتو نه به ٿئي پر جي حلوي جي ھڪ چانھ جي چمچي ئي ملي پئي ته ڄڻ زندگي ٺھي وڃي..! ان حلوي جي ديڳ لھڻ کان اڳ صدارتي حلوي جو ديڳڙو لھڻ ضروري آھي. ان ديڳڙي کي رڌڻ، ورھائڻ ۽ کائڻ لاءِ ٻروچن کي جلوو ڏيکارڻ لاءِ خاص دعوت ڏني وئي آھي، ڇو جو انھن جو حلوو ٿورو مزيدار گھڻو ٿئي ٿو. ان ڪري حلوي کي صرف حميد حلوائي جي دوڪان اندر اسٽاڪ ڪرڻ وري عمل تائين محدود ڪري نٿو سگھي. حلوي سان اسان جي ملڪ اندر ڪيترائي ھائوس ڀريل آھن. ان ڪري ھر مھل ڪنھن کي “ان خوشي ۾ ھاڻي مائو يا حلوو کائيندي..!” چوڻ کان ڪٿي متان پاڻ حلوو ٿي نه وڃو، تنھنڪري رات جو زال کان لڪي ڪري پاڻ مائو کائو ۽ بچيل ڪاغذ کي پنھنجي مرضي تي ڇڏي ڏيو ته ڪھڙي مھل وڃي ڪري ڪنھن جي زندگي حلوو به ڪري سگھي ٿو.