نوابشاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري) نوابشاهه ۾ وڪيل گھوٽ ۽ وڪيل ڪنوار جي شادي انوکو حق مھر لکرائي ڇڏيو. نواب شاهه جي شھر تاج ڪالونيءَ سان تعلق رکندڙ وڪيل صفيه لاکو ڪنوار شادي دوران ھڪ منفرد حق مھر لکرائي ڇڏيو. ڪنوار پنهنجي 32 سالن جي گھوٽ گمبٽ سان تعلق رکندڙ ايڊووڪيٽ حبيب جسڪاڻي کان حق مھر ۾ 32 غريب قيدين جي ضمانت مفت ۾، 32 شڪراني جا نفل ۽ 11 سو رپيا لکرايا. تاريخ ۾ ھي پنهنجي نوعيت جو ھڪ منفرد ۽ فلاحي ڪم وارو حق مھر آهي جنھن سان وڪيل گھوٽ ڪنوار پنهنجي زندگي جي سفر جي خوبصورت شروعات ڪندا ۽ 32 قيدين کي آزاد ڪرائي دعائون وٺندا. اھڙي شادي جي نڪاح نامي ۽ حق مھر جي شادي ۽ گھوٽ ڪنوار جي شادي جي وڊيو ۽ فوٽو صرف ٽائيم نيوز کي ملي وئي آهي. ايڪسڪليوزيو فوٽيجن سان گڏ ان موقعي تي وڪيل صفيه لاکو روزاني پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ھن دور ۾ ڪنوار کي بنگلا ۽ گاڏيون گھرجن، پر مون کي ڪنهن به شيءِ جي ضرورت ناھي، مون کي صرف دعائن جي ضرورت آھي. ان لاءِ مون پنهنجي جيون ساٿي کان اھڙو حق مھر لکرايو آھي جيڪو منفرد آھي ۽ ثواب ۾ شامل آھي. هن وڌيڪ چيو ته وارثن جي رضا خوشيءَ سان شادي ڪئي آهي. واضع رهي ته گھوٽ ۽ ڪنوار ٻئي ڪراچي ۾وڪالت ڪندا آهن.