ڄام شورو(رپورٽر) نامياري شاعر حسن درس جي 13 هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي، سندس ورسي جي موقعي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“  پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته  حسن درس سنڌي ادب جو حسين شاعر  هو، سندس شمار سنڌ جي تمام بهترين شاعرن ۾ ٿئي ٿو. جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ريتن، رسمن ۽ جاگرافيءَ کي انتهائي وڻندڙ ۽ خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو آهي، هن ننڍي ڄمار کان شاعري شروع ڪئي ۽ اڳتي هلي پنهنجي ٽهيءَ جو سرواڻ شاعر بڻجي ويو. مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“  چيو ته  شاعرن هميشه محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي. سنڌي ادب ۾ ٻين صنفن سان گڏ شاعريءَ کي به وڏي اهميت حاصل آهي، اسان سمجهون ٿا ته حسن جيتوڻيڪ هاڻي اسان ۾ ناهي رهيو پر هو اسان جي دلين ۾ هميشه جيئرو رهندو، هو ائين ئي کلندو رهندو جيئن اڳي کلندو هو.هو واقعي سنڌ جو گلزار هو، جنهن کي جن به سڃاتو انهن هُن سان پيار ڪيو.