ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ  الائينس وفاق ۽ سنڌ جي بجيٽ رد ڪري ڇڏي، ڪالھه  جي ڊياي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي، عرفان الله مروت فنڪشنل مسلم ليگ ھائوس ۾ صحافين جي مان ۾ ڏنل مينگو پارٽي ۾ شريڪ صحافين سان ڳالهائيندي  چيو ته موجودا بجيٽ مصنوعي آھي حڪمرانن جا حواس وڃائجي چڪا آھن، بجيٽ ۾ عوام کي ڪوبه رليف ناھي مليو. هنن چيو ته ڪي فور پاڻي جو منصوبو سالن کان رولڙي جو شڪار آھي، ڪراچي جا شھري پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسن پيا، سرڪلر ريلوي جو منصوبو اڃا تائين شروع ناھي ٿي سگھيو، سندن چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪرپشن سبب ھر طرف تباھي لڳي پئي آھي، سنڌ تي 25 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آھي، لاڙڪاڻي يونيورسٽي جي بجلي بل ادا نه ڪرڻ سبب ڪاٽي وئي آهي، ھنن چيو ته سنڌ جو ايريگيشن نظام مڪمل طور ختم ٿي چڪو آهي، پڇڙي تائين پاڻي ناھي پھتو، سنڌ جي زراعت کي تباھه ڪيو ويو آهي، ڪڻڪ جو سرڪاري مقرر ڪيل اگھه نٿو ڏنو وڃي، خراب ڪڻڪ پرڏيھه مان اربين رپيا خرچ ڪري گھرائي وئي آھي، جي ڊي اي اڳواڻن چيو ته عوام جو ڪنھن به اداري تي اعتماد ناھي رھيو، جعلي چونڊون ڪرائي چورن کي اقدار ڏنو ويو آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته جعلي چونڊن وسيلي ٺھيل حڪومت کي ختم ڪري ملڪ م نيون عام چونڊون ڪرايون وڃن،