لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد خالد محمود سومرو ۽ ضلعي امير مولانا ناصر خالد محمود سومرو سنڌ جي 25-2024 جي بجيٽ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي بجيٽ 25-2024 چورن ۽ چوڪيدارن جو ڳٺ جوڙ آهي عوام لاءِ ڪجهه ناهي، اسين اهڙي عوام دشمن بجٽ کي رد ڪريون ٿا ڇاڪاڻ سنڌ حڪومت جي بجيٽ ناڻي بدران ڪنهن هائوس ۾ تيار ڪئي وئي آهي جنهن ۾ تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪندڙ ادارن تي به ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، ڪروڙين جي آبادي واري شهر ڪراچي لاءِ هڪ به نئين ترقياتي منصوبي جو اعلان نه ڪيو ويو آهي، نئين سوچ جا نعرا هڻندڙن نئين نسل لاءِ هڪ رپيو به ناهي رکيو ويو، بجيٽ ۾ نوجوانن ۽ عورتن کي نظرانداز ڪري سنڌ جي شعور جو قتل ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته سنڌ جي آبادي وڌي وئي آهي پر نوان تعليمي ادارا قائم ڪرڻ لاءِ ڪا به بجيٽ ناهي، سڀ کان وڌيڪ ترقياتي منصوبن جي بجيٽ رکي وئي آهي جيڪا وڏيرن جي بنگلن لاءِ آهي. هنن چيو ته 20 سالن کان ترقياتي بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿي جنهن ڪري سنڌ موئن جو دڙو جو ڏيک ڏئي رهي آهي، ترقياتي بجيٽ جا 959 ارب رپيا ڪاغذن ۾ خرچ ٿي ويا، حالتون ساڳيون ئي پراڻيون آهن، ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل سم نالا اڃا تائين ساڳئي حالت ۾ آهن، 45 لک کان وڌيڪ ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ جي منصوبي لاءِ ڪا به بجيٽ نه رکي وئي آهي، لکين بيروزگار نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ به منصوبو بجيٽ مختص ناهي ڪيو ويو، ميرٽ جو قتل ڪري هميشه جيالن کي نوڪريون ڏئي پڙهيل لکيل ماڻهن کي بي روزگار رکيو ويو آهي.