جيڪڏهن اوهان لساني سياست ڪندئو ته پوءِ اهو حشر ڪنداسين جو ياد رکندئو: بلاول ڀٽو زرداري

0
455

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ مخالف نعرا لڳائيندڙ پيپلزپارٽي کي ليڪچر ڏيڻ وارا ڪير ٿيندا آهن، مخالف ياد رکن ته پيپلزپارٽي پاڪستان زنده باد چوڻ وارِي پارٽي آهي، جيڪڏهن اوهان لساني سياست ڪندئو ته پوءِ اسان اُهو ڪنداسين جو اوهان ياد رکندئو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ اسيمبلي وڏي اڪثريت سان مڪاني نظام جو بل منظور ڪيو، مڪاني نظام جَي قانون کي ڪارو سڏيندڙن جو منهن ڪارو ٿيندو، مخالفن کي هينئر سان ئي نظر اچي ٿو ته اهي مڪاني چونڊن ۾ ناڪام ٿيندا، بلاول چيو ته پهريان پوليس لوڪل گورنمينٽ آڏو جوابده نه هئي، پر هاڻي هوندي، جيڪو مڪاني نظام سنڌ صوبي ۾ آڻي رهيا آهيون، اهڙو نظام ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ناهي. هن چيو ته پنجاب هڪطرفو اعلان ڪيو آهي ۽ لوڪل باڊيز نظام کي ڪي به اختيار ناهن ڏنا، پٽيوالو به پنهنجا اختيار ناهي ڏيندو، پ پ پ هميشه پنهنجا پاور ورهايا آهن، اسان سڀ ميونسپل نظام چونڊيل نمائندن کي ڏئي رهيا آھيون. اسڪول جا هيڊ ماستر، اسپتالن جي انتظاميه، پوليس سڀ پنهنجي رپورٽ لوڪل باڊيز وٽ جمع ڪرائيندا.