اٽڪ (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيل وڃڻ ۽ جان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر چورن ۽ آمريڪا جي غلامي کي قبول نه ڪندس، چونڊن جي اعلان تائين تحريڪ جاري رهندي، ملڪ لٽيندڙ آصف زرداري نيب ۾ سڌارا آڻيندو، اها قيامت جي نشاني آهي، جسٽس نظام الدين کي  زرداري مارايو. اٽڪ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان کي حڪومت خلاف آمريڪي سازش جو پتو پيو ته جيڪي ماڻهو سازش روڪي سگهن پيا، انهن کي ٻڌايو  پر افسوس ڪجهه نه ڪري سگهياسين. هن چيو ته هاڻ جيڪو وقت اچي رهيو آهي، اها اسانجي حقيقتي آزادي جي جنگ آهي،  سڀ کان پهرين نوجوانن جي ذميواري آهي ته اهي منهنجو ساٿ ڏين، پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن کي چوندس ته توهان شرڪت ڪريو، هي اسانجي ملڪ تي فيصلائتو وقت آهي،تمام وڏو فيصلو  ٿيڻ پيو وڃي ته ڇا اسان آزاد ملڪ بڻجنداسين يا آمريڪا جي غلامن جي غلامي ڪنداسين، مون فيصلو ڪيو آهي، جيل وڃڻ ۽ جان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر هنن چورن کي قبول نه ڪندس ۽ نه وري آمريڪا جي غلامي قبول آهي، هي سياست نه جهاد آهي. عمران خان چيو ته آمريڪين جنرل مشرف کي ڌمڪي ڏني ته ان کوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ آمريڪا جي جنگ ۾ 80 هزار شهري مارجي ويا، آمريڪا کان 3 ڀيرا وڌيڪ اسانجا فوجي آمريڪا جي جنگ ۾قربان ٿيا ۽ 100 ارب کان وڌيڪ پاڪستان جو پيسو خرچ ٿيو. هن چيو ته سدائين اسان کي حڪم ملندو هو ۽ اسان آزاد پرڏيهي پاليسي نه ٺاهيندا هئاسين، جڏهن مونکي اقتدار مليو ته مون واعدو ڪيو ته نه آئون پاڻ جهڪندس ۽ نه وري قوم کي ڪنهن آڏو جهڪڻ ڏيندس، اسانجي ملڪ جو ڪرپٽ ترين ٽولو هو، جنهن ۾ ملڪ جي سڀ کان وڏي بيماري زرداري هو، ٻيا 2 ڀائر آهن، جن 30 سال ملڪ کي لٽيو، هڪ ٻاهر ويهي پاڪستاني فوج کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو ۽ ننڍو ڀاءُ وري جيڪو بوٽ ڏيس ٿو اهو پالش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ٽيون 30 سالن کان اسلام کپائي ٿو، ان کي به جڏهن اقتدار مليو ته اوهان سوچيو هوندو ته هڪ ديني شخص تعليم جي وزارت وٺندو، رحمت اللعالمين اٿارٽي وٺندو پر ان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي مطلب روڊن واري وزارت ورتي، جنهن ۾ پيسا ٺهندا هئا. عمران خان جو چوڻ هو ته انهن ٽنهي گڏجي هتي سازش ڪئي، آمريڪا جي بائيڊن انتطاميا هتي انهن سان گڏجي سازش ڪئي، اسانجي ماڻهن کي آمريڪي سفارتخاني ۾ گهرايو ۽ انهن کي تيار ڪيو، ان کانپوءِ آمريڪي انڊر سيڪريٽري ڊونلڊ لو اسانجي سفير کي گهرائي چيو ته جيڪڏهن عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي ته اسان پاڪستان کي اڪيلو ڪري ڇڏينداسين، ان خلاف ڪارروائي ڪنداسين ۽ ڌمڪي ڏني. هن چيو ته جيڪي سازش روڪي پئي سگهيا، انهن کي ٻڌايو ته اسا ن وڏي مشڪل سان ملڪي معيشت کي سنڀاليو آهي، جيڪڏهن هاڻ هي سازش ڪامياب ٿي ته ملڪ مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويندو، مون ٻڌايو ۽ ناڻي وزير شوڪت ترين کي به چيو ته ٻڌايو پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان ڪجهه نه ڪري سگهنداسين، اڄ پاڪستان جو رپيو تيزي سان ڪري رهيو آهي، ذخير انهن ٻن مهينن ۾ 30 سيڪڙو گهٽجي ويا آهن، هن چيو ته مٿي شهبازشريف ويٺو آهي، جنهن تي 24 ارب جا ڪيس آهن،هاڻ ان کي اين آر او ملي رهيو آهي، ايف آءِ اي ڪيس ٺاهيا هئا، هاڻ ادارو ڪيس ختم ڪري رهيو آهي، آصف زرداري تي نيب ۾ اربين رپين جا ڪيس آهن ۽ اهو چوي ٿو ته نيب سڌارا ڪنداسين، اها قيامت جي نشاني آهي. هن چيو ته لنڊن ۾ ويٺل نوازشريف سزا آيل ڏوهاري آهي، ان سان ملڪ جو وزيراعظم ملڻ وڃي رهيو آهي، نوازشريف جي ڌي به سزا آيل آهي پر ان کي وزيراعظم جو پروٽوڪول ملي رهيو آهي. حڪومتي اتحاد تي الزام هڻندي عمران خان چيو ته ڪيترا ماڻهو هنن مارايا، ايان علي ڪيس جي ڪسٽم آفيسر، بينظير قتل ڪيس جي شاهد شهنشاهه کي قتل ڪرايو ويو، هڪ جسٽس سجاد هو، جنهن کي زرداري قتل ڪرايو، جيڪو هن جي ڪيسن پويان ويندو هو، ان جي زندگي کي خطرو هوندو هو، جيڪڏهن هي ڪامياب ٿي ويا ته اسانجو ملڪ تباهه ٿي ويندو. هن چيو ته 20 مئي کانپوءِ سڏ ڏيان ته سڀ نڪرو، اوهان ڪنهن شئي کان نه ڊڄو، زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي، جيستائين اليڪشن جو اعلان نه ٿيندو، اسانجي تحريڪ جاري رهندي، ڪير پوئتي نه هٽندو، صرف تحريڪ انصاف نه پر سمورن پاڪستانين ۽ سرڪاري ملازمن کي دعوت ڏئي رهيو آهيان، سرڪاري ملازمن کي خطرو هوندو آهي ته نوڪري نه هلي وڃي، انڪري توهان پنهنجي گهرڀاتين کي مارچ ۾ موڪليو، پوليس ۽ فوجي اهلڪار پنهنجي گهرڀاتين کي موڪلين، ڇاڪاڻ هي منهنجي نه پاڪستان جي آزادي جي جنگ آهي.