جيڪب آباد (رپورٽر) ڪريم بخش ٿاڻي جي حد ڳوٺ زاھد کوسو جي رھواسي ڳوٺاڻن علي خان، الله بچائي، مسمات زاھده پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته پوليس 5 ڏينهن اڳ نوجوان غلام رباني پنھيار کي گرفتار ڪري گم ڪيو آهي. هنن چيو ته پوليس چوي ٿي بھرام کوسو کي اغوا ڪرڻ جي شڪ ۾ غلام رباني کي گرفتار ڪيو ويو آھي اسان جو نوجوان بھرام کوسو کي اغوا ڪرڻ ۾ ملوث ناھي، غلام رباني کي آزاد ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن ڪريم بخش پوليس ٻڌايو ته نوجوان غلام رباني پنهيار ڏوهاري آهي جنهن خلاف ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڦر چوري اغوا جا ڪيس داخل ٿيل آهن تر جي معزز شخصيت بهرام کوسو جي اغوا ۾ ان جي ملوث هئڻ جا ثبوت مليا آهن جنهن لاءِ ان کي جاچ ڪرڻ لاءِ حراست ۾ ورتو ويو آهي.