جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ وڌندڙ بدامني ۽ واپاري جميل سومرو جي گهران ڌاڙي جي واردات ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف هارون رشيد سومرو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي عبدالستار جاگيراڻي، پ پ شهيد ڀٽو جي نور محمد منجهو، سومرا اتحاد جي گل حسن سومرو جي اڳواڻي ۾سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ قومي شاهراهه تي ملنگ شاهه بابا وٽ شاميانا هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين خطاب ڪندي چيو ته ايس ايس پي سليم شاهه جي مقرري بعد ڏوهي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. هنن چيو ته هٿياربند واپاري جميل سومرو جي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي ڪنن مان واليون لاٿيون ويون، نڪ ۾ پاتل ڦليون لاهي تذليل ڪئي وئي، ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، ڊي ايس پي ھيڊ ڪوارٽر شاهه زمان ڀنگر، ڊي ايس پي سٽي گل حسن ٿيٻو، ايس ايڇ او ايئرپورٽ طارق جهلڻ مظاهرين سان ڳالهيون روڊ کولرايو.