جيڪب آباد(رپورٽر)جيڪب آباد جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڏنگر پاڙي ۾ 4 اڻڄاتل هٿياربند جميل احمد سومرو جي گهر  ۾ گهڙي عورتن کي يرغمال بڻائي عورتن کي پاتل واليون زبردستي لاٿيون ۽ گهر جي الماڙين ۾ رکيل 4 تولا سونا زيور 2 لک روڪ رقم ڦر ڪري کڻي ويا، اطلاع تي ڊي ايس پي سٽي گل حسن ۽ ايس ايچ او ايئرپورٽ طارق جھلڻ پهچي معلومات ورتي، گهر ڌڻي جميل احمد سومرو دانهيندي چيو ته هٿياربند گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي 4 تولا سون ٻه لک روڪ رقم ۽ گهرڀاتين کي پاتل 8 واليون لاهي ويا. ايس ايچ او ايئرپورٽ ٻڌايو ته لڳي ٿو ته واقعو ريڪي ٿيل آهي پر ان باوجود جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي سي سي ٽي وي ڪيمرا جا فٽيج هٿ ڪري جوابدارن جي نشاندهي ڪئي ويندي، هن چيو ته ڦر واقعو ٿيو آهي پر سونا زيور ايترا ناهن ويا جيترا گهر ڌڻي ٻڌائي رهيا آهن.