جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي اي ڊي سي ڪالوني ۾ناري ف ج کي مبينا طور لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو، اطلاع تي پوليس پهچي ناري کي پنهنجي حفاظت ۾ وٺندي سول اسپتال  جيڪب آباد آندو، جتي ناري جو ميڊيڪل ڪرايو ويو. ناري کي پوليس فرسٽ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز لاکير جي عدالت ۾ پيش ڪيو.وارثن عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ناري جو ذهني توازن درست ناهي، اسان جي حوالي ڪئي وڃي، عدالت پوليس کي ناري جو ذهني چيڪ اپ ڪرائڻ بعد دارالامان موڪلڻ جو حڪم ڏنو. پوليس ناري سان لڄالٽ جي شڪ ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر جي رهواسين ٻن پوليس اهلڪارن جي پٽن سوڌو ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري جو ذهني توازن درست ناهي، وارثن جو به اهو ئي موقف آهي، عدالتي حڪم تي ناري جو ذهني توازن ڄاڻڻ لاءِ ڊاڪٽر کان معائنو ڪرايو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته امڪاني طور لڄالٽ جي الزام هيٺ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد تصديق ٿيندي ته واقعي اهي ماڻهو ڏوهي آهن يا نه، هوڏانهن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ناري کي پوليس هيڊ ڪوارٽر جي هڪ ڪوارٽر ۾ نشو ڏئي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو.