جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ عدالتي حڪمن جي لتاڙ، اضافي چارجز رکندڙ جونيئر سينيئر آفيسرن جي سيٽن تي ويٺل، ٻه چارجز رکندڙ آفيسرز اڪثر آفيسن مان غائب، خبر موجب عدالتي حڪمن جي کليل لتاڙ ڪندي جونيئرز آفيسرن کي سينيئر گريڊ جي اضافي چارجن سان نوازيو ويو آهي، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر عبدالغفار رند کي ڊي ايڇ او جيڪب آباد، ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۾ تعلقه ٺل جي اي اِي اين کي ايڪسيئين جي اضافي چارج ڏني وئي، جيڪو سب انجنيئر جو به اختيار استعمال ڪري رھيو آھي، تعليم کاتي ۾ شڪارپور جي ڊي اي او پرائمري کي چارج ڏني وئي، جڏهن ته ضلع ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڊي اي او پرائمري کي جيڪب آباد جي ڊي اي او سيڪنڊري جي چارج سان نوازيو ويو آهي، هوڏانهن ھاءِ وي کاتي جي اي اِي اين کي ايڪسيئين ھاءِ وي سميت ايڪسيئين بلڊنگس جيڪب آباد جون ٻه اضافي چارجون ڏنيون ويون آهن، اضافي چارج رکندڙ آفيسرز جي آفيسن ۾ موجود نه ھئڻ جون شڪايتون وڌي ويون آھن، جنھن سبب پري پري کان ڪم سانگي ايندڙ شھرين کي پريشاني ۽ مايوسي جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.