جيڪب آباد: ڪارنهن جي تهمت ۾ هڪ ڏينهن دوران 4 ڄڻا قتل

0
280
ڪارنهن جي تهمت ۾ هڪ ڏينهن
جيڪب آباد: ڪارنهن جي تهمت ۾ هڪ ڏينهن دوران 4 ڄڻا قتل

جيڪب آباد ضلعي ۾ هڪ ڏينهن دوران ڪارنهن جي تهمت ۾ 4 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن، واقعن بعد سڄاڳ ڌرين ۾ ڳڻتي ڇانيل آهي

جيڪب آباد شهر جي جعفر آباد پاڙي ۾ جنوني پُٽ ڪارنهن جي تهمت مڙهي ماءُ عابده پروين کي قتل ڪري ڇڏيو

جوابدار رياض احمد مرهيٽو ماءُ سان ڪارنهن جي الزام ۾ استاد کي به قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار ساٿي سان گڏ مراد رخشاني کي گولين جو کاڄ بڻائي فرار ٿي ويو

دوداپور جي ڳوٺ جعفر آباد ۾ ڪارنهن جي تهمت ۾ جوابدار شبير ڪٽوهر پنهنجي زال مهتاب خاتون ۽ نوجوان علي مراد ڪٽوهر کي قتل ڪري ڇڏيو