جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد رمضانپور ۾ دڪان تي ويٺل سوشل ورڪر نوجوان فرحان ڀيو موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو، پوليس ۽ وارث نوجوان کي کڻائي جيڪب آباد آڻي رهيا هئا ته هن رستي ۾ سور نه سهندي دم ڏنو، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو  ويو، ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول جي سئوٽ بشير ڀيو ٻڌايو ته چانڊيا برادري جي ٻن نوجوانن ڏيول ۽ عبدالله کي ڪجهه مهينا اڳ شڪارپور جي علائقي جاڳڻ ۾ ڀيا برادري جي ماڻهن قتل ڪيو هو، انهن سان اسان جو ڪو به تعلق ناهي، چانڊيا برادري جي ڌر ڏاڍ مڙسي ڏيکاري اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو آهي. پوليس موجب  وارثن جو چوڻ هو ته چانڊيا برادري جي ماڻهن نوجوان کي قتل ڪيو آهي جاچ ڪريون پيا، مقتول فرحان ڀيو سماجي ورڪر  هو، جيڪو پنهنجي علائقي جي مسئلن خلاف سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريندو هو، وارثن ڳڙهي خيرو جيڪب آباد روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو. وارثن موجب ته اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، اسان جو چانڊيا ڀيا جهيڙي سان تعلق نه هو، ان باوجود به نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي، فرحان ڀيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.