جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد باءِ پاس تي حيربيار هوٽل وٽ هڪ اڻڄاتل پيرسن جو لاش مليو اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته ساڳئي ٿاڻي جي حد باءِ پاس تي شنبي شاهه چوڪي وٽ 50 ورهين جي هڪ اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ آيو اهو لاش به پوليس کڻائي پهتي نادرا مان آڱرين جي نشان جا تصديق نه ٿيڻ سبب ٻئي لاش قانوني ڪارروائي بعد ايڌي جي عملي حوالي ڪيا ويا، ايڌي رضاڪارن لاش دفنائي ڇڏيا، پوليس ٻڌايو ته ٻنهي ڄڻن جي نادرا وٽ ڊيٽا نه هئي، لاش امانت طور ايڌي وارن دفنايا آهن.