جيڪب آباد: قتل جو ڏوهه ثابت، ٽن ڀائرن کي عمر قيد جي سزا

0
369

جيڪب آباد (ن پ ا) جيڪب آباد جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ذوالفقار شيخ جي عدالت جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن ڀائرن سميت پنج جوابدارن کي عمر قيد ۽ پنج پنج لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت ٽن ڀائرن عبدالحفيظ، شاھه محمد، الھورايو مستوئي سميت الھڏنو ۽ قيصر مستوئي کي سزا ٻڌائي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ ھڪ ڪاٽيندا، عدالت ساڳئي ڪيس ۾ جوابدار رضا محمد ۽ گل حسن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته محمد صلاح ۽ ميھر روپوش ڄاڻايل آهن، واضح رهي ته 28 آگسٽ 2018 تي جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ ڄام مستوئي کي قتل ڪيو هو، جنهن جو قتل جو ڪيس مور خان مستوئي جي فرياد تي مبارڪپور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو.