جيڪب آباد: عدالتي حڪم تي ڇاپو، ٿاڻي مان ٽي باندي بڻايل ماڻھو ھٿ

0
348

جيڪب آباد (ن پ ا) سيشن جج جي حڪم تي ريڊر ڪمشنر ڳڙھي حسن ٿاڻي تي ڇاپو هڻي ٽي باندي بڻايل ماڻھو ھٿ ڪري ورتا. پوليس پاران بنا ايف آئي آر جي باندي بڻايل نور نبي لاشاري، عبدالواحد سرڪي لاڪ اپ مان ھٿ جڏهن ته محمد مٺل عرف مٺو بنگلاڻي کي ايس ايڇ او جي ڪوارٽر مان ھٿ ڪيو ويو. ريڊ ڪمشنر عزيزالله جمالي رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ايس ايڇ او ڳڙهي حسن علي محمد اوڍو ۽ باندي بڻيل کي سڀاڻي سيشن ڪورٽ عدالت طلب ڪري ورتو.