جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) سول اسپتال جي اي اين ٽي بلاڪ فنڪارن کي الاٽ ڪرڻ وارو مامرو، سول سرجن سيڪريٽري صحت کي ڊي سي خلاف شڪايتي ليٽر لکي ڇڏيو، ڊي سي پاران ميڊيا کي تفصيل ڏيڻ تي ڊي ايچ او تي ڪاوڙ جو اظهار، خبر موجب جيڪب آباد جي ڊي سي دادلو زهراڻي پاران سول اسپتال جي اي اين ٽي بلاڪ جي عمارت صحت کاتي جي اجازت کان بغير آرٽس ڪائونسل ۽ سنڌي ادبي سنگت کي الاٽ ڪري ڏيڻ تي سول اسپتال جي ميديڪل سپريٽنڊنٽ ڊاڪٽر عبدالمالڪ کرل هڪ ليٽر نمبر 3964/69 لکي سيڪريٽري صحت سنڌ کي آگاهي ڏني آهي ته سول اسپتال جيڪب آباد جو اِي اين ٽي بلاڪ مڪمل فعال آهي، جتي اکين جي بيماري جو ماهر ڊاڪٽر روزانو مريضن جو معائنو ڪندو آهي پر ڊي سي جيڪب آباد اسان کي آگاهي ڏيڻ بغير ئي هڪ ليٽر ذريعي اسان جي عمارت جو هڪ حصو آرٽس ڪائونسل ۽ ٻه ڪمرا سنڌي ادبي سنگت کي الاٽ ڪري ڇڏيا آهن، جنهن بابت اوھان کي آگاهي ڏجي ٿي، ان سلسلي ۾ سول اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ ڊاڪٽر عبدالمالڪ کرل ٻڌايو ته ڊي سي سول اسپتال جي اي اين ٽي عمارت فنڪارن حوالي ڪئي آهي، اھڙي آگاهي سيڪريٽري صحت سنڌ کي ڏني وئي آهي، اکين جي شعبي جي عمارت فعال آهي، جنهن ۾ ماهر ڊاڪٽر ۽ اسٽاف ڊيوٽي ڪندا آهن، هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر دادلو زهراڻي پاران سول اسپتال جي اِي اين ٽي بلاڪ آرٽس ڪائونسل حوالي ڪرڻ جي ڄاڻ ميڊيا کي ڏيڻ تي ڊي ايچ او جيڪب آباد ڊاڪٽر اسلم پرويز ڀنگر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس ڇنڊ پٽي، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ڊي سي دادلو زهراڻي پاران ڊي ايچ او کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته آئون ضلعي جو هيڊ آفيسر آهيان، منهنجي مرضي آهي، جنهن کي به عمارت الاٽ ڪيان، تون ان بابت ميڊيا کي ڇو تفصيل ڏنا، جنهن تي ڊي ايچ او ڊي سي کي صفائي ڏيندي چيو ته مون ڪنهن به ميڊيا جي نمائندي کي تفصيل ناهن ڏنا، ميڊيا جي ذريعي ئي مون کي الاٽمينٽ بابت ڄاڻ ملي، جڏهن انهن مون کان موقف معلوم ڪيو ته مون صرف اهو چيو ته ڊي سي صاحب سول اسپتال جي عمارت آرٽ ڪائونسل حوالگي بابت اسان کان اين او سي ناهي ورتي، ان سلسلي ۾ ڊي ايچ او جيڪب آباد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊي سي دادلو زهراڻي ڪاوڙ جو اظهار ناهي ڪيو، آئون 20 اسڪيل جو آفيسر آهيان ۽ ڊي سي 18 گريڊ ۾ آهي، جڏهن ته سول اسپتال جي اکين جي شعبي واري عمارت فعال آهي ڊي سي جي الاٽمينٽ بابت به ميڊيا کان خبر پئي آهي، ان سلسلي ۾ ڊي سي دادلو زهراڻي کان موقف وٺڻ لاءِ مسلسل رابطو ڪيو ويو پر ان جو نمبر اٽينڊ نه ٿي سگهيو.