جيڪب آباد (رپورٽر) نيون تڪبنديون، جيڪب آباد جي قومي تڪ ۾ ڦيرڦار، ضلع چيئرمين جي ووٽ سان گڏ جيڪب آباد جون 3 سرڪل ڪشمور جي قومي تڪ ۾ شامل، رابطي باوجود ضلعي قيادت جو موقف سامهون نه اچي سگهيو، خبر موجب نين تڪبندين ۾ جيڪب آباد جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 190 ۾ وڏي پئماني تي ڦيرڦار ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ضلعي جي ٽنهي صوبائي تڪن کي 2022 وارين تڪبندين تحت برقرار رکيو ويو آهي، قومي تڪ اين اي 190 جون 3 سرڪل مصري پور، مراد پور ۽ ٺل پراڻو جي ڪجهه حصن کي ڪشمور ضلعي جي قومي تڪ اين اي 191 ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل تڪبندين ۾ مصري پور سرڪل جون 3 يوسيون مصري پور، دين ڳڙهه، قلندر پور ۽ مراد پور سرڪل جون 10 يونين ڪائونسل لوگي، رپ ميرداد، ملوئي، تاجو کوسو، بختيار پور، ڊول سميجا، جونگل، ڪريم آباد، جاڙيون ۽ شيرواهه سميت ٺل پراڻو سرڪل جو ڪجهه حصو جنهن ۾ 3  يونين ڪائونسل بولاڪي، کوسا، دينپور ۽ غلامون به اين اي 191 ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪب آباد جي قومي تڪ جون 16 يونين ڪائونسل ڪشمور جي تڪ ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ پ پ کي نقصان جو خدشو آهي، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي پ پ جي ضلعي قيادت نين تڪبندين تي اعتراض واريندي، هوڏانهن نين تڪبندين ۾ پ پ ضلع ڪائونسل چيئرمين طاهر کوسو جي ذاتي ووٽ سميت اثر هيٺ ايندڙ 10 يونين ڪائونسلون ڪشمور جي قومي تڪ ۾ شامل ٿي چڪيون آهن، نين تڪبندين بابت پيپلزپارٽي ضلعي قيادت سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پر اڪثر قيادت جا نمبر بند مليا.