جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، آباد ٿاڻي جي حد باءِ پاس تي نادرا آفيس وٽ هٿياربندن خانپور واسي ڌڻي بخش بروهي کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن پسٽل جا فائر ڪري کيس زخمي ڪيو، پوليس زخمي کي کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، زخمي ڌڻي بخش بروهي جو چوڻ آهي ته خانپور کان جيڪب آباد اچي رهيو هئس ته باءِ پاس تي موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن موٽرسائيڪل ڦر ڪئي مزاحمت تي هٿياربندن پسٽل جي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن زخمي موجب ته مزاحمت دوران هٿياربندن جي ڪلاشنڪوف جي گولي پنهنجي ساٿي کي به لڳي آهي جنهن کي ڦورو پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن ان سلسلي ۾ آباد پوليس ٻڌايو ته باءِ پاس تي ڦر جو واقعو پيش آيو مزاحمت تي هڪ ڄڻي کي زخمي ڪيو ويو آهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.