جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي يوسي ڳڙهي چنڊ تي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي ڪامياب ٿيل اميدوار علي نواز پنهور کي ٻيهر ڳڻپ ۾ هارائڻ جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن ڌرين کي اڄ اسلام آباد طلب ڪري ورتو ان سلسلي ۾ ضلع ڪائونسل  اميدوار علي نواز پنهور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون 89 ووٽن تي ڪاميابي ماڻي هئي بعد ۾ ٻيهر ڳڻپ ۾ ڌانڌلي ڪري هارايو ويو آهي. ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر، ڊي آر او ۽ آر او خلاف اليڪشن ڪميشن پاڪستان کي درخواست ڏني هئي اليڪشن ڪميشن 5 جولائي تي ڌرين کي طلب ڪري ورتو آهي.