ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ حڪومت ئي ناهي، سنڌ حڪومت جو هڪ ئي منصوبو آهي ته خراب کي وڌيڪ خراب ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت ڪئناڊا مان هلائي پئي وڃي، ڪراچي کي يونس ميمڻ ڪئناڊا مان آپريٽ ( هلائي) ڪري رهيو آهي، يونس ميمڻ اتان ويهي ٺيڪن جي نيلامي (بڊنگ) وارا معاملا به ڏسي رهيو آهي. ڪالهه سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ شاهراهه فيصل تي ٽاور جي تعمير بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو ته شاهراهه فيصل جو روڊ ڪڏهن گهٽ ناهي ٿيو پر هميشه وڌيو آهي، شاهراهه فيصلن جي ٻنهي پاسن جو سروس روڊ انڪروچمينٽ جي ور چاڙهيو ويو، سڀ ڪرپٽ آهن، ڪمشنر به چئي رهيو آهي ته قبضو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته سمورن رفاعي پلاٽن تي عمارتون اڏجن پيون، بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي وارا چون ٿا ته پئسا ڏيو، جيڪو وڻي سو وڃي ڪريو، سنڌ ۾ حڪومت ئي ناهي. چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇيو ته اي جي صاحب! اوهان سڀ ڄاڻو ٿا، توهان جي حڪومت ڪيئن ڪير ٻيو هلائي سگهي ٿو؟ سنڌ حڪومت ڪئناڊا مان هلائي پئي وڃي، ڪراچي کي يونس ميمڻ ڪئناڊا مان آپريٽ ڪري رهيو آهي، يونس ميمڻ اتي ويهي ڪري بڊنگ ( ٺيڪن جي نيلامي) ڏسي رهيو آهي، ڪنهن کي ته بيهي ان کي روڪڻو پوندو. چيف جسٽس چيو ته پارلياماني طرز حڪومت جو ڪجهه مطلب هوندو آهي، پارلياماني حڪومت مضبوط هوندي آهي، جڏهن اوهان گٽر نالو صاف نٿا ڪرائي سگهو ته صوبو ڪيئن هلائيندئو؟ چيف جسٽس چيو ته سال اڳ گٽر نالا صاف ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، روزانو نوان نوان بهانا ڪيا ويندا آهن. چيف جسٽس سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ته حڪومت ئي ناهي. ڇا حڪومتون اهڙي ريت هلنديون آهن، جيئن سنڌ ۾ حڪومت آهي، چيف جسٽس چيو ته آر او پلانٽس تي 15 سئو ارب رپيا خرچ ٿيا پر ٿر جا ماڻهو اڄ به پاڻي لاءِ تڙپي رهيا آهن. ڳڻائڻ لاءِ اسان وٽ اهڙا تمام گهڻا ايٽمز (اسم) آهن. چيف جسٽس چيو ته سنڌ حڪومت وٽ هڪ ئي منصوبو آهي ته “بد کان بدتر ڪريو”. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ پوليس جي اي ايس آءِ وانگر رڳو هڪ ئي ماڻهو غلط ڪري ته سڄو نظام ئي ويهي رهندو آهي. چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اڄ تائين ٻڌايو ته سنڌ حڪومت کي ڇا ڪرڻو آهي؟ چيف جسٽس چيو ته ڪالهه ئي ڪنهن ماڻهو ويڊيو ڪلپ موڪلي آهي جنهن ۾ هڪ عورت کي ٽرالي ۾ نيو پيو وڃي. ايمبيولنس ئي نه هئي، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيف جسٽس کان معذرت ڪندي چيو ته ” سوري ماءِ لارڊ“ جنهن تي چيف جسٽس چيو ته خبر ناهي، ڪٿان کان ماڻهو هلندا ايندا آهن، جهنڊا لهرائيندا شهر ۾ داخل ٿي ويندا آهن پر ڪنهن کي اهي نظر ناهن ايندا، جن کي ڪير ناهي روڪيندو اهي ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ 15، 20 ٿاڻن جي حدن مان گذري آيا هوندا، ڪنهن کي نظر نه آيا؟ اڄ اتي بيهجي ويا، سڀاڻي هتي به اچي ويندا. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته صوبي ۾ تعليم جو 2600 ارب رپين جو پراجيڪٽ 2014ع ۾ شروع ۽ 2017 ۾ ختم ٿيو، انهن پئسن مان دنيا جي بهترين يونيورسٽي قائم ڪري سگهجي پئي. اي جي سنڌ عدالت کي استدعا ڪئي ته سر سڀاڻي بجيٽ پيش ٿيندي، 2 ڏينهن جي مهلت ڏيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته بجيٽ ته گذريل سال به آئي هئي ماڻهن کي ڇا مليو؟ بجيٽ صرف انگن اکرن جو گورک ڌنڌو آهي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان هتي (سنڌ) توهان جي حڪومت آهي شهرين کي ڇا مليو؟، بجيٽ جو مطلب پنهنجي لاءِ فنڊ مختص ڪرڻ هوندو آهي عوام لاءِ نه، ماڻهن کي هڪ پئسي جو به فائدو ناهي ٿيندو. چيف جسٽس چيو ته توهان اسان جي آڏو اهڙيون ڳالهيون ڇو ڪندا آهيو؟ توهان جي شهر ۾ ننڍا ننڍا ادارا آهن اهي به ته توهان جي ڪنٽرول ۾ ناهن،