جيڪا بجلي اچي ئي نٿي اها مهانگي ڇو ٿا ڪريو!

0
77
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

هڪ مهينو اڳ جڏهن ملڪ ۾ اڃا عمران خان جي حڪومت هئي ته ان وقت جي مخالف ڌر جيو اڳواڻ ۽ موجوده وزيراعظم مهانگائي تي حڪومت تي تنقيد ڪندو هو. سندس مطالبو هوندو هو ته مهانگائي کي گهٽ ڪيو وڃي. جڏهن بجلي جي اگهن ۾ اضافو ٿيندو هو ته مطالبو ڪندو هو ته اگهن ۾ اضافو نه ڪيو وڃي. عوام تي رحم ڪيو وڃي. هڪ مهيني اندر صورتحال تبديل ٿي وئي آهي ۽ شهباز شريف هاڻ وزيراعظم آهي. هاڻ سندس ئي حڪومت ۾ بجلي جي اگهن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورز تي به گيهه، کنڊ، دالون ۽ ٻيون ضروري شيون به مهانگيون ڪيون ويون آهن. جڏهن ته ڪڪڙ جو گوشت به وڏي گوشت جي قيمت ۾ ملي رهيو آهي. ليمان هڪ هزار رپين ۾ ڪلو به نه پيا ملن. ڊالر جو اگهه 187 رپين جو ٿي ويو آهي. عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي پر ان کي روڪڻ لاءِ ڪو به تيار نه آهي. وفاقي حڪومت ته ٺهيو صوبائي حڪومتون به اگهن تي ڪنٽرول ۾ ناڪام ويون آهن. بجلي جي اگهن جي حوالي سان خبر آهي ته نيپرا مارچ جي مهيني لاءِ ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 2 رپيا 86 پيسا في يونٽ جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جي فيبروري جي مهيني لاءِ ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ جي اگهه ۾ هڪ رپيو 38 پيسن جي اضافي جي منظوري ڏيندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اهي فيصلا عوامي ٻڌڻي ڪرڻ کانپوءِ ڪيا ويا آهن.

ان فيصلي کانپوءِ بجلي استعمال ڪندڙن مٿان 29 رب رپين جو اضافي بار پوندو. اهو اضافو مئي جي مهينن ۾ جاري ٿيندڙ بلن ۾ وصول ڪيو ويندو. ان کانسواءِ اهي به اطلاع آهن ته ملڪ ۾ اٽي جي بحران جو خطرو آهي. ڇاڪاڻ ته هن سال ڪڻڪ گهٽ لٿي آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار، موجود ذخيرن، صوبائي ۽ قومي سطح تي کپت جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ڪڻڪ جي مجموعي پيداوار جو هدف 28.89 ملين ميٽرڪ ٽن لڳايو ويو هو، جڏهن ته امڪاني پيداوار 26.173 رهڻ جي اميد آهي، ڪڻڪ جي ملڪي سطح تي مجموعي کپت جو ڪاٿو 30.79 ملين ميٽرڪ ٽن لڳايو ويو آهي، ڪڻڪ جي پيداوار جو هدف ۽ امڪاني پيداوار ۾ فرق جو سبب ڪڻڪ جي پوکي ۾ گهٽتائي، پاڻي جي کوٽ ۽ گذريل حڪومت پاران ڀاڻ جي فراهمي ۾ بدانتظامي ڄاڻايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪڻڪ جي حڪومتي سطح تي خريداري جي حوالي سان پنجاب 91.66 سيڪڙو، سنڌ 49.69 سيڪڙو، بلوچستان 15.29 سيڪڙو، جڏهن ته پاسڪو 10 سيڪڙو هدف حاصل ڪيو آهي. هاڻ جڏهن حڪومت کي انگن اکرن وسيلي هن وقت ئي صورتحال جي خبر پئجي وئي آهي ته پوءِ کين صورتحال خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اڳواٽ اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو ثابت ڪري سگهن ته هو اڳوڻن حڪمرانن کان وڌيڪ لائق آهن.

ٻيو ته کين غريب عوام جو به احساس آهي. جڏهن ته حڪومت کي اهو به ڪرڻ گهرجي ته غريب ماڻهن خاص طور تي وچولي طبقي جي لاءِ پاليسي جوڙين ڇاڪاڻ ته غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ مهانگائي جو هي بار وڌيڪ برداشت ڪرڻ ممڪن نه رهيو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته کين ڪنهن حد تائين ئي سهي ڪو رليف ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ ته انهن طبقن کي يوٽيلٽي اسٽورز اهو هنڌ هو جيڪو سندن ضرورتون مناسب اگهه ۾ پوريون ڪندو هو. هو ڊگهين قطارن ۾ بيهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪري به يوٽيلٽي اسٽورز تان عام مارڪيٽ کان 10 کان 15 رپيا سستيون شيون دال، کاڄرو تيل، گيهه ۽ ٻيو سامان وٺي ايندا هئا پر هاڻ ته اهو آسرو به ختم ڪيو ويو آهي ته پوءِ حڪومت غريبن لاءِ خاص قدم کڻي ته جيئن هو پنهنجي پيٽ سان ساهه جو سڳو ڳنڍي سگهن. نه ته هاڻ عوام جي سهپ جواب ڏئي رهي آهي ۽ جڏهن عام ماڻهو روڊن تي نڪتو ته انهن کي اهو چئي خاموش ڪري نه سگهبو ته هي سڀ ڪجهه اڳوڻي حڪومت جي نااهلي جو نتيجو آهي اسان ئي معيشت کي خراب ملي آهي. اسان سمجهو ٿا ته جيڪڏهن ملڪ ۾ امن امان قائم رکڻو آهي ته پوءِ عوام کي به عزت ۽ احترام سان جيئڻ جو حق ڏيڻو پوندو.