جيل ۾ اهڙو کاڌو ڏنو ويو آهي جنهن سان پيٽ خراب ٿي پيو آهي، ذاتي ڊاڪٽر کان علاج جي به سهولت ناهي ملي: پرويز الاهي

0
168

اسلام آباد: پرويز الاهي کي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس اسلام آباد جي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج ابو الحسنات تي موڪل هئڻ سبب پرويز الاهي کي ڊيوٽي جج سامهون پيش ڪيو ويو

ڊيوٽي جج جو چوڻ هو ته ڇا پرويز الاهي جي حد تائين چالان جمع ٿي ويو آهي؟ جاچ آفيسر چيو ته پرويز الاهي جي حد تائين چالان اچي ويو آهي، نوٽيس به ٿي ويو آهي

ڊيوٽي جج موجب شريڪ جوابدارن سان گڏ ئي پرويز الاهي جي به ايندڙ تاريخ رکي ڇڏيون ٿا

پرويز الاهي ڪرسي تان اٿي روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته 24 آڪٽوبر جي تاريخ نه رکي وڃي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي24 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

پرويز الاهي  صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جو جيڪو فيصلو آيو آهي، ان مان ن ليگ کي وڏي اميد هئي، فيصلي بعد ڏسڻو آهي ته نوازشريف ڪهڙو بيانيو ٺاهي ٿو

پرويز الاهي جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کانسواءِ اليڪشن بي معنيٰ هوندي، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي سائيفر ڪيس مان سرخرو ٿيندا

پرويز الاهي چيو ته جيل ۾ اهڙو کاڌو ڏنو ويو آهي جنهن سان پيٽ خراب ٿي پيو آهي، جيل وارا سهولتن جي حوالي سان عدالت جو حڪم نه مڃيا رهيا آهن

هن چيو ته ذاتي ڊاڪٽر کان علاج جي سهولت به نه پئي ڏني وڃي