جيترو ميڊيا ٽرائل ٿيو آهي، دل ٿي چوي ته خودڪشي ڪري ڇڏيان: سول جج جي گهرواري عدالت ۾ روئي ڏنو

0
266
جيترو ميڊيا ٽرائل ٿيو آهي، دل ٿي چوي ته خودڪشي ڪري ڇڏيان: سول جج جي گهرواري عدالت ۾ روئي ڏنو
جيترو ميڊيا ٽرائل ٿيو آهي، دل ٿي چوي ته خودڪشي ڪري ڇڏيان: سول جج جي گهرواري عدالت ۾ روئي ڏنو

اسلام آباد: ملازمه تشدد ڪيس، جوابدار سوميا عاصم جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ٿي وئي، سول جج جي گھر واري سوميا عاصم کي ملازمه ٻارڙي تي تشدد ڪيس ۾ جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو

صوميا عاصم کي ڊيوٽي مئجسٽريٽ شائسته ڪنڊي خان جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جوابدار سوميا عاصم کي پوليس  گذريل ڏينهن ضمانت رد ٿيڻ تي  عدالت ٻاهران گرفتار ڪيو هو

ٻڌڻي دوران جج شائسته خان ڪنڊي جو چوڻ هو ته قانون عورت جوابدار کي صرف قتل جي ارادي ۽ قتل ڪيس ۾ رمانڊ جي اجازت ڏئي ٿو

پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته اسان کي ٻارڙيءَ کي ڏنل اجوري جون رسيدون حاصل  ڪرڻيون آهن، وڪيل صفائي جو چوڻ هو ته اسان جي خلاف الزام آهي ته ٻارڙي اسان وٽ ملازمه هئي، ٻارڙي اسان وٽ ملازمت تي ڪانه هئي، اهو الزام آهي

جج شائسته جو چوڻ هو ته آئون توهان کي ميڊيا هائيپ جي بنياد تي ته جسماني رمانڊ نٿي  ڏئي سگھان

جج شائسته خان ڪنڊي پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته  توهان ٻڌايو توهان کي 2 ڏينهن  جو رمانڊ ڇو گھرجي؟  پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته ان ۾ وڌيڪ جاچ جي لاءِ رمانڊ  حاصل ڪري رهيا آهيون

جج چيو ته  توهان ڪالهه کان هن وقت تائين ڇا ڪيو آهي؟، پراسيڪيوٽر چيو ته اسان جاچ ۾ ڪافي شاهديون حاصل ڪري ورتيون آهن

پراسيڪيوٽر قانون موجب رمانڊ بابت فيصلو ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي، جج شائسته ڪنڊي جوابدار سوميا عاصم کي جڊيشل رمانڊ  تي جيل موڪلي ڇڏيو، جج شائسته خان ڪنڊي پاران سوميا عاصم کي 22 آگسٽ تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

جڏهن ته ملازمه تشدد ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ٿيندڙ جوابدار سوميا عاصم عدالت ۾ جذباتي ٿي وئي، جج کي شڪايتون ڪيون، سوميا جو چوڻ هو ته  آئون هر طرح سان سهڪار ڪرڻ  جي لاءِ تيار آهيان

سوميا عاصم عدالت ۾ چيو ته مان هڪ ماءُ آهيان، مون کي به ٽي  ٻار آهن، اهڙو ٽارچر نه ڪيو وڃي، هنن رات ساڍي 11 هين وڳي مون کي گھرائي مينٽل ٽارچر ڪيو آهي

سوميا عاصم چيو ته جاچ آفيسر به گڏ ويٺل هو، جنهن تي جاچ آفيسرچيو ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ميڊم، سوميا عاصم چيو ته منهنجو ايترو وڏو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي، دل ٿي چوي آپگھات ڪريان

سول جج جي گهرواري چيو ته منهنجو هن ڪيس ۾ اهڙو  ڪو ڪردار ناهي جھڙو ميڊيا ۾ پيش ڪيو پيو وڃي، مون سان ظلم ٿي رهيو آهي، وڪيل چيو ته  ميڊيا کي ملزمه جي وڊيوز ٺاهڻ کان روڪيو وڃي

جج شائسته خان ڪنڊي چيو ته توهان مڪمل پردو ڪيو آهي، ماسڪ پاتل آهي، وڊيو ۾ توهان جو چهرو ته نٿواچي سگھي، سوميا جو چوڻ هو ته  مون کي اجازت ڏني وڃي ته مان پنهنجي ڪٽنب سان ملي سگھان

هي به پڙهندا

ملازمه ٻارڙي تشدد ڪيس ۾ سول جج جي زال گرفتار