مظفرآباد (م ڊ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيالن کي حڪم ڏنو ته ووٽ جي عزت واري جو به بندوبست ڪندا ۽ ڪٺ پتلي جو به، تشدد تي يقين نه ٿا رکون، اسان سان ڪنهن کي مقابلو ڪرڻو آهي ته ووٽ سان ڪري. نڪيال ۾ چونڊ مهم جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته جيالن ضياءُ الحق ۽ مشرف جو مقابلو ڪيو، مودي سان اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائيندا آهيون، انکي شادي ۾ ناهيون گهرائيندا، اهو برداشت نه ٿا ڪري سگهون ته مودي بدترين حملو ڪري ۽ ڪٺ پتلي وزيراعظم چوي ته آئون ڇا ڪريان؟. هن چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام کي نه مظفرآباد ۾ ڪٺ پتلي گهرجي ۽ نه اسلام آباد ۾، 25 جولاءِ تي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهينداسين، هتان جي ماڻهن کي معاشي طور مضبوط ڪنداسين. هن چيو ته 5 جولاءِ هر محب وطن لاءِ ڪارو ڏينهن آهي، 5 جولاءِ تي جمهوريت جي راتاهو هنيو ويو، قائد عوام آئين ڏنو، غريب کي آواز ڏنو، مزدورن کي حق ڏنا، هارين کي زمينون ڏنيون پر ان ئي ذوالفقار ڀٽو کي جيل ۾ بند ڪري سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو، هو سمجهن پيا ڀٽو کي شهيد ڪري عوام جي حقن جو سودو ڪري وٺندا پر ايئن نه ٿيو، ان صورتحال ۾ بينطير ڀٽو پارٽي جو جهنڊو سنڀاليو ۽ آمرن جو مقابلو ڪيو پر 2007ع ۾ ان کي به شهيد ڪيو ويو، هنن سمجهو ته بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري پيپلزپارٽي کي ختم ڪري ڇڏيندا ۽ پنهنجو غيرجمهوري نظام لاڳو ڪندا، بزدل حڪمران وفاق ۾ هجن يا مظفرآباد ۾ ڊنل آهن، هن چيو ته سمورا ڪٺ پتلي ڄاڻن ٿا ته سندن ڪاغذي جماعتون آهن، پ پ واحد پارٽي آهي، جنهن سان عوام گڏ آهي، اوهان کي پ پ جو مقابلو ڪرڻو آهي ته ووٽ سان ڪريو، اسان اوهان وانگر تشدد تي يقين نه ٿا رکون، جيڪڏهن پ پ ان راند ۾ اچي وڃي ۽ آئون پنهنجي جيالن کي حڪم ڏيان ته اوهان ڪٿان جا نه رهندا. بلاول ڀٽو چيو ته اسان اوهان کي ان قسم جي سياست ڪرڻ نه ڏينداسين، پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي صدر تي ووٽ کي عزت ڏيو وارن فائر ڪرايا، ووٽ جي عزت بندوق سان ٿيندي يا عوام سان؟ اسان اوهان خلاف هڪ پٿر به نه کڻنداسين، هڪ به گولي نه هلائينداسين، اسان آزاد ڪشمير ۾ عوام جي طاقت سان حڪومت ٺاهينداسين. هن چيو ته هنن کي خبر ناهي ته پ پ جو نوجوان چيئرمين موجود آهي، اسانجي جيالن جو امتحان نه وٺو، هي جيال آهن، جيڪي پنهنجي شادي ۾ مودي کي دعوت ناهن ڏيندا، هي اهي جيالا آهن جيڪي چونڊ ۾ مودي جي ڪاميابي لاءِ دعائون ناهن گهرندا، هي جيالا والاريل ڪشمير جي عوام سان گڏ بيٺل آهن، اسانجي جيالن جو نعرو آهي ته ڪشمير تي سودو نامنظور.