جيئڻ جا گس بند ڪندڙ مهانگائي

0
64
عام چونڊن جو اهم مرحلو به تڪميل تي پهتو!

هن ملڪ ۾ هن وقت مهانگائي پنهنجي عروج تي آهي، جنهن جي ڪري غريب مسڪين ۽ عام ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻيل آهي. وفاقي شماريات کاتي موجب، عام واهپي جي شين ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. اٽي، گوشت، ٽماٽن ۽ پٽاٽن سميت کاڌ خوراڪ جي 20 شين جي اگهه ۾ واڌ ٿي آهي ۽ اهڙي نموني سان مهانگائي 29.8 سيڪڙي جي شرح تي پهچي وئي آهي. هڪڙي هفتي ۾ اها مهانگائي 0.73 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حڪومت ٽن مهينن ۾ 1450 ارب ڊالر قرض ورتو آهي. قرض 62 هزار اربن کان به وڌي ويو آهي.

مهانگائي مسلسل وڌي رهي آهي. مهانگائيءَ سبب ماڻهن جون زندگيون ۽ جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي. حڪمرانن جو ان ڳالهه سان ڇا وڃي ته ماڻهو مرن ٿا يا جيئن ٿا. اسان جي ملڪ جا “نيرو” رڳو بانسري وڄائڻ ۾ پورا آهن. مهانگائي ان حد تائين وڌي وئي آهي، جو ماڻهن لاءِ جسم ۽ روح جو رشتو برقرار رکڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. اها اميد ڪئي پئي وئي ته نگران سيٽ اپ دوران مهانگائيءَ تي ضابطي لاءِ قدم کنيا ويندا، جو نگران چونڊيل عوامي نمائندا ناهن ۽ انهن جون ڪي به سياسي مجبوريون نه آهن پر انهن اميدن جي ابتڙ نگران حڪمرانن جي دور ۾ مهانگائي راڪيٽ رفتار سان وڌي رهي آهي. انهن وٽ به چونڊيل حڪمرانن جيان مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪوبه مڪينزم ڪونهي. ماڻهو پنهنجن ٻچن کي جيڪو اڳ ۾ هڪ ويلو مس کارائي سگهندا هئا، اهي هاڻ ان کان به محروم ٿيندا وڃن. وڌندڙ غربت ۽ اڻهوند جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ خودڪشيون تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن. زندگيءَ جي اذيت ايتري ته سرس ۽ سوائي ٿي وئي آهي جو ماڻهو موت کي زندگيءَ تي ترجيح ڏيڻ لڳا آهن. اهو سڀ ڪجهه ڄاڻڻ جي باوجود به حڪمران مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ بدران ڏينهون ڏينهن عالمي استحصالي ادارن جي فرمائشن تي ڪڏهن گئس جا اگهه پيا وڌائين ته ڪڏهن بجلي ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪري رهيا آهن، جنهن سان ماڻهن جي اهنجن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي. تازو گئس جي قيمتن ۾ 45 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، جيڪو هلندڙ مهيني جي پهرين تاريخ کان لاڳو ٿي چڪو آهي، بجليءَ جي اگهه ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي. حڪمرانن کي سمورو مالي بار عوام تي منتقل ڪرڻ واري ئي واٽ نظر اچي ٿي ۽ اهي سموري کوٽ ۽ خسارو عوام مان پورو ڪن ٿا. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته عوام کي ايترو پيڙڻ ۽ نپوڙڻ باوجود به اها رقم ڪيڏانهن پئي وڃي، ان جي ڪابه خبر ڪانهي ۽ نه ئي وري ان جو ڪو انت ٿيندي نظر اچي ٿو. ڪابه رياست پنهنجي عوام کي پيڙي پنهنجي معيشت نٿي هلائي سگهي ۽ نه ئي وري ڪشڪول جي آڌار تي معيشتون هلي سگهنديون آهن. معيشت هلائڻ لاءِ ته بهتر معاشي پاليسيون ٺاهي انهن تي عمل ڪرڻو پوندو آهي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي حڪمرانن ڄڻ ته انتظامي اختيار به آءِ ايم ايف کي ڏيئي ڇڏيا هجن ۽ اهو ادارو ڏينهون ڏينهن پنهنجون فرمائشون وڌائيندو وڃي. هن ڀيري به اهي خبرون آهن ته آءِ ايم ايف طرفان وڌيڪ سخت شرط رکيا پيا وڃن ۽ اها حالت رهي ته هن ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائيندي بچائيندي حڪمران عوام کي مساڻن ۽ مقامن تائين پهچائڻ جو پورو انتظام ڪري وٺندا.

هڪ پاسي ته اسان جا حڪمران قومي خودداريءَ جا بيان ڏيندا رهن ٿا ۽ مختلف وقتن تي خود مختيار رياست وارن ڀاشڻن کي به فل اسٽاپ نظر ناهي ايندو پر حقيقت اها آهي ته انهن هن ائٽمي سگهه رکندڙ ملڪ کي نه صرف ڪشڪول کڻائي ڇڏيو آهي پر عوام کي به جيئن جهڙو نه ڇڏيو آهي. اسان هتي اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته هن ملڪ کي وڌيڪ تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي بدران بهتر معاشي پاليسيون جوڙيون وڃن، عوام جي جيئڻ جا گس بند ڪرڻ بدران زندگيءَ لاءِ ضروري اسمن تائين انهن جي رسائيءَ کي آسان بڻايو وڃي. گئس، تيل ۽ بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ ڪري مهانگائيءَ کي مهميزون هڻڻ بند ڪيون وڃن. هن ملڪ تي وڌيڪ تجربا ڪرڻ بدران ڏاهپ ۽ تدبر سان اپاءُ ورتا وڃن، ڇو ته هي ملڪ ڪنهن وڌيڪ تجربي جو متحمل نٿو ٿي سگهي.