اسلام آباد/ڪراچي (نمائندن وٽان + م ڊ) سپريم ڪورٽ بار سوڌو پنجن ئي هاءِ ڪورٽس بارز پاران عدليه ۾ مداخلت واري ججز جي خط تي ردعمل، عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران ججز جي خط ۾ ذڪر ڪيل واقعن تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو ويو، ججز جي نجي زندگي ۾ مداخلت تي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو، اسلام آباد، پنجاب، پشاور ، بلوچستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار پاران به هاءِ ڪورٽ جي ججز جي حمايت جو اظهار ڪيو ويو، خط تي چيف جسٽس پاڪستان کان جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ ۽ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو، بارز جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته عدليه جي آزادي لاءِ تحريڪ هلائڻي پئي ته اُن کان به نه ڪيٻايو ويندو.