جوهي (ن پ ا)  ٻوڏ واري صورتحال کانپوء جوهي کير موري روڊ بحال نه ٿيو آهي، جنهن ڪري علائقي واسين جوهي کير موري روڊ ڪٽ واري پوائنٽ تي امام الدين پنهور، فاروق پنهور، خدابخش چانڊيو، قادر بخش چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائيندن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان دانهيندي چيو ته ٻوڏ کي ساڍا ٽي مهينا گذري ويا پر جوهي کير موري روڊ کي لڳل هٿرادو ڪٽ بند نه ڪيا ويا آھن مسلسل احتجاج باوجود رستي جي بحالي لاء ڪي به اپاء نه ورتا ويا آھن سوين ڳوٺاڻا جوهي شھر پهچڻ لاء متبادل رستي ذريعي اچڻ تي مجبور آھن،رستو نه هجڻ ڪري شاگرد اسڪول ۽ ڪاليج نٿا وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته روڊ کي لڳل هٿرادو چار ڪٽ بند ڪري رستو جلد بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.