جوهي(ن پ ا) جوهي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين جي سخت ڪاوڙ ۽ احتجاج بعد جوهي پوليس ڊرامائي انداز ۾ ٽن مبينا ڦورن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. گرفتار ڦورن جي سڃاڻپ الهورايو عرف مير حسن پنهور، هزار خان ڀُرٽ ۽ حاجن طور ڪئي وئي آهي. پوليس دعويٰ موجب پڪڙيل ڦوروئن مٿان مختلف ٿاڻن تي 5-5 ڪيس داخل آهن. پوليس پڪڙيل مبينا ڦوروئن کي ميڊيا کان پري رکڻ لاءِ صحافين کي ساڻن ملڻ نه ڏنو. ٻئي طرف اهي علائقي ۾ چوٻول آهن ته جوهي پوليس شهرين جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ راڄوڻي ڪئي، جنهن بعد مبينا ڦورن جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي.