جوهي چاولا جو آريان جي سالگرا تي وڏو واعدو

0
297

ممبئي(شوبز نيوز))باليووڊ اداڪارا جوهي چاولا شاهه رخ خان جي پُٽ آريان خان جي سالگرا جي موقعي تي ان جي نالي تي 5 سئو ٻوٽا پوکڻ جو واعدو ڪيو آهي.جوهي چاولا آريان خان جي سالگرا جي موقعي تي پنهنجي تصديق ٿيل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي آريان جي ننڍپڻ جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ان سان سهانا خان به گڏ بيٺل آهي.

اداڪارا تصوير شيئر ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ”سالگرا مبارڪ هو، آريان! ان سڀني سالن ۾ اسان جون خواهشون توهان لاءِ برابر آهن.هن لکيو ته منهنجي دعا آهي ته توهان محفوظ ۽ خوش رهو.هن وڌيڪ لکيو ته مان توهان سان گهڻو پيار ڪندي آهيان.اداڪارا آريان خان سان واعدو ڪيو ته مان توهان جي نالي جا 5 سئو ٻوٽا لڳائيندس