لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پوٽو ۽ شهيد مير مرتضيٰ جو فرزند جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو لاڙڪاڻي پهچي ويو آهي. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو لاڙڪاڻي المرتضيٰ هائوس پهچڻ بعد قافلي جي صورت ۾ پي پي پي شهيد ڀٽو جي ڊويزنل صدر عنايت علي عمراڻي سان گڏجي قافلي جي صورت ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪئي. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي ڳڙهي خدابخش ڀٽو آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪندي مزار کي عام ماڻهن کان خالي ڪرايو ويو. هوڏانهن جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد قافلي جي صورت ۾ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو پهتو جتي هو عيد ملهائي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات ڪرڻ سان گڏ ساڻن عيد به ملندو.