ملڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف ۾ تڪراري دڪان کولڻ واري مامري تان لغاري ۽ انڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو هو، جھيڙي دوران لغاري ڌر جا 10 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، ان حوالي سان لغاري برادري جي ماڻهن پاران جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ٽئين ڏينهن به ڪئمپ تي احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي علي بخش لغاري، غلام نبي لغاري، الله جڙيو لغاري، جبار لغاري، راشد علي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پنگريو پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي، ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪابه گرفتاري نه ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته اسان جا 10 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.