سنڌڙي(ن پ ا) ڦلهڏيون ٿاڻي جي حد پانڌي موڙ تي دڪان ھلائيندڙ نوجوان عبدالستار ڳاهو کي قتل ۽ سندس ڀاءُ عبدالمجيد کي زخمي ڪندڙن جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سندس وارثن پيءُ رمضان ڳاهو، صابر علي ڳاھو، غلام ڪريم ڳاھو ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته مري برادري جي ماڻهن دڪان تي ويٺل نوجوان ستار ڳاهو کي ڪھاڙيون گهڻي قتل ڪيو ۽ سندس ڀاءُ عبدالمجيد کي مرڻينگ ڪرڻ کانپوءِ جشن ملھائيندي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، ھنن چيو ته جوابدار اقتداري ڌر جا ماڻهو آهن، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ انڪار ڪري ڇڏيو آهي، مري برادري جا هٿياربند  اسان کي حراسان ڪري،  زبردستي راڄوڻي ڪرڻ ٿا چاهين ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن، ھنن چيو ته ظلم جي انتها آهي نوجوان بگ  اسان جو قتل ٿيو ڪاروبار به  اسان جو بند ڪرايو ويو آهي، ڌمڪيون به اسان کي ملن پيون، اسان گهرن تائين محدود ٿي ويا آهيون،   اسان جي ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي،  هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته اسان سان انصاف ڪري مقتول ستار جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.