جهڏو ويجهو روڊ حادثو، 2 اٺ مري ويا، 3 ڄڻا زخمي

0
171
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار

جهڏو(ن پ ا) جهڏو ويجهو تيز رفتار ڪار اٺن سان ٽڪرائجي وئي، 2 اٺ مري ويا، 2 ڪار سوار ۽ هڪ اٺن جو ڌنار سخت زخمي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل، جهڏو ويجهو خاڪي پير وٽ تيز رفتار ڪار اٺن سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه اٺ ٿڏي تي مري ويا، جڏهن ته اٺن جو ڌنار وسايو ريٻاري، ڪار سوار شهباز خاصخيلي، ڏاتار شاهه سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي فوري طور آر ايڇ سي جهڏو منتقل ڪيو ويو جتي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد ٽنهي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي.