جهڏو ويجهو ڊمپر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، 2 ٻارڙا فوت

0
23
جهڏو ويجهو ڊمپر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، 2 ٻارڙا فوت
جهڏو ويجهو ڊمپر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، 2 ٻارڙا فوت

جهڏو ويجهو تيز رفتار ڊمپر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، موٽر سائيڪل تي سوار  2 ٻارڙا فوت ٿي ويا

واقعي ۾ هڪ ٻارڙيءَ سميت 2 ڄڻا پڻ زخمي ٿي پيا، حادثو مٺي ميرپور خاص روڊ تي سبزي منڊي ويجهو پيش آيو

 ڀڳڙي باغ جو رهواسي شبير ڪنبوهه پنهنجن ٽن ٻارن سان گڏ موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو ته تيز رفتار ڊمپر سندن مٿان چڙهي ويو

 ڊمپر جي ٽڪر ۾  8 سالن جي ٻارڙي هانيا ۽ 5 سالن جو ريحان ٿڏي تي فوت ٿي ويا

حادثي ۾ شبير ڪنبوهه ۽ سندس 3 سالن جي ٻارڙي عائشه زخمي ٿي پيا، لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل، پوليس ڊمپر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڊمپر به تحويل ۾ وٺي ڇڏيو