سانگهڙ/جهول (نمائندن وٽان) پ پ جي جلسي تان واپس ويندڙ قافلي ۾ شامل گاڏي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، ھڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي، خبر موجب ڳوٺ سليمان مري وٽ سانگهڙ ۾ پ پ جي وفاقي حڪومت خلاف جلسي کان پوءِ واپس ويندڙ نويد ڏيري ۽ پارس ڏيري جي قافلي ۾ شامل گاڏي موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻه ڄڻا سعيد مري ۽ امتياز مري سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي امتياز مري زخمن جي سٽ نه سهي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻئي زخمي کي حيدرآباد اسپتال نيو ويو. وارثن عاشق مري ۽ ٻين چيو ته زخمين کي کڻڻ نه پئي ڏنو ويو، قافلي ۾ شامل پوليس اھلڪارن ۽ گارڊن جو رويو انتھائي خراب ھو، جن ھمدردي ڪرڻ بدران ڌڙڪا ۽ دهمان پئي ڪيا، ٻئي پاسي جھول ٿاڻي جي پوليس اسپتال پهچي وارثن سان ڳالھايو ، جنهن دوران وارثن ۽ پوليس اھلڪارن وچ ۾ تلخ ڪلامي پڻ ٿي.