جنين جاڳاياس، آئون نه جيئندي ان ري

0
21
جنين جاڳاياس، آئون نه جيئندي ان ري

 ورهاڱي کان اڳ جي سياست تي سراسري نظر ڦيرائڻ سان پتو پئي ٿو ته سنڌ جي سياست مخصوص وڏيرن، جاگيردارن، سرڪاري ٺيڪيدارن جي هٿ هيٺ رهي آهي، جهڙوڪ ايوب کهڙو گروپ، سيد گروپ، بنده علي ٽالپر گروپ، الله بخش سومرو گروپ وغيره. توڻي جو سندن مدمقابل شهرن منجهه ڪانگريس مدمقابل هئي پر سنڌ جي جيئڻ ۽ مرڻ جي فيصلن جو اختيار انهن گروپس وٽ ئي هو.

                 ورهاڱي کان بعد پاڪستان جي قيام کان پوءِ لياقت علي جي قيادت ۾ يوپي، سي پي کان آيل مهاجرن جو فيصلا سازي ۾ ڪليدي ڪردار شامل ٿي ويو. ايتري تائين جو قومن جي تشخص کي ختم ڪرڻ لاءِ ثقافتي اهڃاڻ سندن ٻولين جي جاءِ تي ڌاري ۽ اوپري ٻوليءَ ‘اردو’ کي مسلط ڪيو ويو ۽ سنڌ جي ساڃاھ ۽ شعور 1952ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکي ‘سنڌي ٻولي قومي ٻولي’ جي نعري سان هڪ نئين جدوجهد جو بنياد وڌو ۽ خطي جي قومي ٻولين جي بحاليءَ ۾ پنهنجو سرگرم ڪردار نڀايو.

                 سنڌ جي حڪمران ٽولي جي باقيات جڏهن ون يونٽ جي حمايت ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ته ان گهڙيءَ هڪ طرف ان وقت جي درٻاري ليکڪن ان جي حمايت ۾ ايڊيٽوريل ۽ ڪالم لکيا ته ٻئي طرف مزاحمت ۽ انڪار جي پانڌيئڙن ون يونٽ خلاف ڀرپور آواز بلند ڪرڻ سان گڏ نئين ۽ جدت سان ڀرپور تحريڪ هلائي. ڪهڙا نالا لکي ڪهڙا لکجن. سون هزارن جي تعداد ۾ اديبن، شاعرن، سياسي ڪارڪنن، ساڃاھ وندن اڳيان اچي پنهنجو ڪردار نڀايو. محترم رسول بخش پليجي جي سياسي جدوجهد جا پيرا به اتان ڏسي سگهجن ٿا. ون يونٽ مخالف جدوجهد ۾ پليجي صاحب جو ڪردار هڪ پرجوش نوجوان وارو نظر اچي ٿو. هڪ بي چين مزاج جو نوجوان، جيڪو ڪنهن اهڙي تحريڪ جي اڏاوت جي جاکوڙ ۾ هجي جيڪا فيصلائتي ثابت ٿئي. جنهن جو انت ڪنهن سوڀ تي ٿئي. جنهن جي پڄاڻي آمريت جي انت تي ٿي. ان لاءِ کيس وڏي جاکوڙ ڪرڻي پئي. مختلف فورم، بزم ۽ تنظيمن کي آزمائڻو پيو. پر پوءِ جڳ ڏٺو ته هن ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو ۽ آمر کي گوڏا کوڙڻا پئجي ويا.

1972ع جو سال، بنگال جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ وارو سال پليجي صاحب ۽ سنڌ جي سياست لاءِ هڪ اهم سال ثابت ٿيو. جڏهن پليجي صاحب پنهنجي هاري هلچل جي ساٿين شهيد فاضل راهو، سيد عالم شاھ سميت سنڌ جي ڏاهپ، ساڃاھ بشمول شيخ اياز، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، حفيظ قريشي سينيئر  سان گڏجي عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو. سنڌ جي سياست جو ڳوڙهو اڀياس ڪندي ۽ ڇنڊڇاڻ ۽ ڇيد کان پوءِ “قومي ۽ طبقاتي” استحصال کان ڇوٽڪاري جو نظريو ڏنو. اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ دڳ جو تعين ڪيو. پليجي صاحب جي قيادت ۾ اها عوامي تحريڪ سنڌ جي جهر جهنگ پهتي. هڪ سائنسي سوچ ۽ عمل سان ڪارڪنن توڻي همدردن جي شعوري آبياري ڪئي. حڪمران اشرافيه جي رڌڻي ۾ رولو وڌو. چند سياسي خاندانن جي گرد پساھ کڻندڙ قومي ۽ عوامي سياست جي واڳ انهن جاگيردار، وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي هٿن مان نڪري هيٺين ۽ وچئين طبقي جي اڳواڻيءَ هيٺ اچي وئي.

پليجو صاحب جدوجهدن جي رمزن کي به خوب ڄاڻيندو هو. هن جو ويساھ هو ته جدوجهد جو سفر هڪ اڙانگو ۽ مستقل مزاجي وارو صبر آزما سفر آهي، جنهن لاءِ اوڀارين لهوارين، ورن وڪڙن ۽ اڙانگن دڳن تان گذرڻ لازم آهي. ان لاءِ هو ڪارڪنن کي به مستقل مزاجي سيکاريندو رهندو هو. هو چوندو هو ته ننڍين ننڍين حاصلاتن يا ناڪامين تي هٿ ٻڌي ويهي نه رهو، بلڪه پاڻ کي هڪ نئين امتحان ۽ جدوجهد لاءِ تيار رکو. ان رمز کي مون عملي طرح تڏهن ڄاتو جڏهن وڪالت جي پيشي کي اپنايم ته ڪيئن جدوجهد هڪ مسلسل عمل آهي ۽ جدوجهد جو عمل ڪهڙي طرح ڏکيو ۽ پيچيده ٿئي ٿو.هو جدوجهدن جي حڪمت عملين جو به ماهر هو. ڪٿي 2 قدم اڳتي وڌڻو آهي، ڪٿي هڪ قدم پوتي هٽڻو آهي. هو هر تحريڪ ۽ جدوجهد کي جنگي حڪمت عملي تحت ترتيب ڏيندو هو. هو تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۽ ان کي ڪناري لڳائڻ جي آرٽ ۾ ڪمال جي مهارت رکندو هو. هن کان بغير ڪابه تحريڪ ڇسي لڳندي هئي. اهو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو جو ايم آر ڊي جي هلچل دوران آمر ضياءَ کي چوڻو پئجي ويو ته، “سنڌ ۾ ان هلچل جي پٺيان عوامي تحريڪ آهي”. ضياءُ عوامي تحريڪ کان ايترو خوفزده هو جو پليجي صاحب، شهيد فاضل راهو سميت عوامي تحريڪ جي سوين ڪارڪنن کي ڪيئي سال قيد ۽ بند ۾ رکيو. تنهن باوجود هر تحريڪ ۽ اتحاد جي ڪاميابي رڳو ان صورت ۾ نظر ايندي هئي ته ڇا پليجو صاحب ۽ عوامي تحريڪ ان جو حصو آهي يا نه!

پليجو صاحب هڪ جدت پسند رهنما هو. جدوجهدن جي اڙانگي سفر کي ڪيئن خوشگوار بڻائجي، جو تڪليفون راحت ۾ بدلجي وڃن. احتجاجن جو رخ ڪيئن موڙجي؟ جو آواز پراثر بڻجي ۽ قانون جي به ڀڃڪڙي نه ٿئي. وقت جي نبض کي ڪيئن سمجهجي؟ جو مستقبل به تاريڪ نه ٿئي. دشمن کي ڪيئن للڪارجي؟ جو وري انهن سان ڳالهين جا دروازا به کليل رهن. اها ڏاهپ گذريل 50 سالن جي سياسي تاريخ ۾ رڳو پليجي صاحب جي شخصيت ۾ ئي ملي ٿي.

مارڪس چيو آهي ته انقلاب تڏهن سوڀارو ٿي سگهي ٿو، جڏهن سماج باشعور بڻجي. مارڪس جي ان چوڻي جي حقيقي ترجماني به پليجي صاحب جي روپ ۾ ڏسجي ٿي. هن سنڌي سماج کي مجموئي طور باشعور بڻائڻ ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو. پنهنجي ڪٽنب ، پارٽي جي ڪارڪنن ۽ عام سنڌين جي تعليم ۽ تربيت ۾ هڪ لمحو به نه وڃايائين. سندس تربيت جو انداز ئي نرالو هوندو هو. پارٽيءَ منجهه سخت ضابطو لاڳو رکيائين. تنقيد ۽ خود تنقيد جو عمل به اسان وٽ پليجي صاحب متعارف ڪرايو. ڪارڪنن کي متضاد موضوع ڏيئي مذاڪرن ۽ چٽاڀيٽيءَ جو بنياد وڌائين. تربيتي اجلاسن ۾ ڪو سوال اڇلي ڪارڪنن جي وچ ۾ مباحثا ڇيڙي ۽ انهن جو پاڻي ڪڇي کين گهربل ڪتاب پڙهڻ جي تلقين ڪرڻ به پليجي صاحب جو ڏانءُ هو ۽ اها تلقين پليجي صاحب کان مور نه وسرندي هئي. جيئن ٻي ملاقات ٿي ته ٺڪ سوال ئي پهريون اهو هوندو هو ته “فلاڻا ڏي احوال، توکي فلاڻو ڪتاب پڙهڻ لاءِ چيو هو”. جي جواب ها ۾ هوندو هو ته اڳيون سوال هوندو هو، “هاڻ ڪتاب تي تبصرو ڪر”. جي جواب نه ۾ هوندو هو ته ٺيڪ ٺاڪ ڇڙٻ ملندي هئي. پر ان ڇڙٻ ۾ به اسان جهڙن لاءِ قرار هوندو هو.

هو ڪارڪنن سان بي پناھ پيار ڪندو هو. ممڪن آهي ته سندس گهرڀاتين کي کانئس کين گهٽ وقت ڏيڻ جي شڪايت رهي هجي، پر پليجي صاحب لاءِ ته سموري عوامي تحريڪ هڪ گهر مثل هئي. بلڪه اڄ به اسين سمورا ساٿي چاهي اهي عوامي تحريڪ سان جڙيل هجن يا پاسيرا هجن، پاڻ کي گهرڀاتين جيان ئي سمجهندا آهن. پليجي صاحب جن به تحريڪن کي اڀاريو، تن کي پنهنجي منطقي انجام تي پهچايو. هن ٽن پيڙھين جي شعوري آبياري ڪئي ۽ پنهنجي همعصرن سان گڏجي سنڌ ۾ انتهاپسندي جي رستا روڪ ڪندي ترقي پسند رجحانن کي اوسر ڏياري۔

پليجي صاحب جون ڪيئي اڻ مٽ يادون آهن، جي لکجن ته ڪتاب لکجي وڃي۔ ساڻس 30 سال گڏ گذريا۔ هو جڏهن به سکر آيو ته اسان جو مهمان بڻيو يا سندس ٺڪاڻو اسان جي پاڙي جي هوٽل الحبيب رهيو، پر پليجي صاحب سان منهنجي آخري خلاصي ڪچھري سندس وفات کان ڪجهه مهينا اڳ مٺيءَ ۾ ڪامريڊ وسند ٿريءَ جي گهر ٿي هئي۔ پيارو صلاح هنڱورجو به گڏ هو۔ اها هڪ يادگار گڏجاڻي هئي۔ مون پليجي صاحب کان سندس مشهور ليک “ڀٽو ۽ سيد” جي پس منظر بابت سوال رکندي پڇيو هو ته آخر ڇا سبب هو جو توهان ڀٽي کي سيد تي ترجيح ڏني؟ ۽ پوءِ ڪچھري جو ڪينواس ڦھلجندو ويو۔ ان ڏينهن منهنجي طبيعت بهتر نه هئي پر پليجي صاحب جي صحبت ۽ شفقت ماڻڻ کان وڌيڪ ڀاڳوند ڪا ٻي ڳالهه نٿي ٿي سگهي۔ پليجو صاحب هڪ ئي وقت مائوسٽ به هو ته اسٽالنسٽ به۔ هو نظرياتي طرح مائو جي ثقافتي انقلاب جو داعي هو ته عملي طرح اسٽالن جي مضبوط قوت ارادي ۽ عملي جدوجهد کان متاثر هو ۽ پنهنجي سموري زندگي انهن جي اصولن تي ڪاربند رهندي گذاريائين۔

پليجي صاحب جي وڇوڙي جي ڏينهن ڪورٽ ۾ منهنجا 2 اهم ڪيس تقريرن تي رکيل هئا۔ هڪ پوليس هٿان نوجوان کنڀي گم ڪيل جو ڪيس جيڪو پوليس پٽي ڀائين کي بچائيندي بي ڪلاس ڪري آئي هئي ۽ ٻيو ٻن بي گناهن تي داخل ٿيل ڪوڙي ڪيس ۾ ضمانت جو۔ سوچيم تڙ تڪڙ ۾ ڪراچي نڪري وڃجي پر ٻئي طرف ڪيسن جي اهميت ۽ ان سان وابسته ڪيترن ئي ماڻھن جون اميد ڀريون نگاهون به مون لاءِ واجهائي رهيون هيون۔ جيتوڻيڪ اهو اندازو به هو ته پليجي صاحب جي وڇوڙي تي ڪورٽ ڊسچارج ٿينديون پر پليجو صاحب قانون جي بالادستي جو قائل ۽ اڪثر اسان کي سمجهائيندو ۽ سيکاريندو هو ته انصاف ۾ دير جو سبب ڪڏهن به نه بڻججي۔ منهنجي به ڪيسن تي ڀرپور تياري هئي۔ سو طئي ڪيم ته ان ڏينهن ٻنهي ڪيسن ۾ جان لڳائي فتحياب ٿي اهي ڪاميابيون استاد محترم کي ارپبيون۔ ڪيس هليا ۽ ڀرپور هليا۔ ضمانت جو ڪيس ڊسٽرڪٽ جج وٽ هو۔ جنهن چيو ته پليجي صاحب جي وفات سبب ڪورٽ جو ڪم بند آهي۔ مون کيس چيو اها خبر اسان مٿان وڄ جيان ڪري آهي پر پليجو صاحب بائيڪاٽ ڪلچر جو سخت مخالف هو۔ کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو ڪم ڪرڻ ۾ آهي۔ عجيب اتفاق جو ان ڏينهن هاءِ ڪورٽ سکر ۾ مانائتي جسٽس صلاح الدين پنهور به دوستن کي ‘ورڪ سسپينڊ’ ڪرڻ کان نابري واريندي ڪم ڪري خراج ڏيڻ کي ترجيح ڏني هئي۔

ڪورٽ ۾ ئي مصروف هئس ته صحافي دوستن  پليجي صاحب بابت آفيس اچي پنهنجا ڪمينٽس رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ چيو، جيڪي لائيو هلڻا هئا۔ پر ڪورٽ ۾ مصروفيت سبب دير ٿي، جنهن تي صحافي دوست ميسيج ڪيو هو ته “شايد توهان لاءِ ڪورٽ پليجي صاحب کان وڌيڪ اهم آهي”. هن کي ڪهڙي ڄاڻ ته اسان لاءِ پليجي صاحب جا ڏسيل اصول ۽ واٽ وڌيڪ اهم هئا/آهن. سو ڪورٽ کان فارغ ٿي هليو ويس هڪ ٽي وي چينل جي دفتر. صحافي دوست جو سوال هو، “توهان پليجي صاحب کي ڪيئن ڏٺو؟” مون مس وراڻيم. “پليجو صاحب ۔۔۔۔” ڳوڙھا منهنجي ڳل تان لار ڪري وهي رهيا هئا ۔۔ ڪمينٽس ڇا هئا ۔۔۔ رڳو سڏڪا.

يونيورسٽي جي سمورن سالن ۾ منهنجي نوٽ بوڪ جي ٽائيٽل ڪور تي پليجي صاحب جو ترجمو ٿيل هي نظم اڪريل هوندو هو، جيڪو مون کي هر قدم تي پنهنجي وطن ۽ قوم سان وفاداري نڀائڻ جي يادگيري ڏياريندو هو:

“ياد رک

تو وٽ تنهنجو

علم ۽ عقل

تنهنجي وطن ۽ قوم

جون امانتون آهن

وڏو ٿي

وطن جي ويرين وٽ

ڪرسي ماڻڻ

تنهن کان وڌ

بي حيائي ۽ غداري

ٻي ڪابه نه آ

پنهنجي علم ۽ عقل کي

وطن ۽ قوم لا۽ وقف ڪر”.