ڪراچي (شوبز نيوز) سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته پاڪستاني اداڪار جنيد خان بالي ووڊ جي ليجندري اداڪارا سري ديوي جي نياڻي خوشي ڪپور سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ وارو آهي.سوشل ميڊيا تي هڪ خبر گردش ڪري رهي آهي ته خوشي ڪپور، ابراهيم علي خان ۽ جنيد خان نئين فلم ۾ گڏ نظر ايندا.
ان حوالي سان جنيد خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته خوشي ڪپور سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ وارين خبرن ۾ سچائي ناهي ٻئي طرف ڀارتي ميڊيا سندس ۽ عامر خان جي پٽ جنيد خان جي وچ ۾ مونجهاري جو شڪار آهي جنهن سبب غلط خبر وائرل ٿي.